واشنگٽن(م ڊ) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان هن وقت سخت معاشي بحران جو شڪار آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل عالمي معاشي اثرن بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي 70 جي ڏهاڪي کان بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. هلندڙ سال پاڪستان جي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ پاڪسان جي ترقي جي شرح 3 سيڪڙو اضافي جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي سخت معاشي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ سياست ۾ بي يقيني واري صورتحال پاڪستان جي معاشي حالتن جي تباهي جا 2 وڏا سبب آهن. ٻاهرين قرضن جون ادائگيون به پاڪستان جي لاءِ وڏو مسئلو آهن. عالمي بئنڪ موجب ڊسمبر ۾ مهانگائي جي شرح 24.5 سيڪڙو رهي جيڪا 1970ع جي ڏهاڪي کان پوءِ بلند ترين آهي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سبب جي ڊي پي کي 4.8 سيڪڙو نقصان پهتو. جون کان ڊسمبر تائين ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قيمت 14 سيڪڙو ڪري پئي آهي. اهڙي مدي دوران ڪنٽري رسڪ تي پريميم 15 سيڪڙو وڌي چڪو آهي. ٿڌي موسم خوراڪ ۽ ضروري شين جي سپلاءِ کي متاثر ڪري سگهي ٿو انفرااسٽرڪچر ۽ زرعي پيداوار کي به نقصان پهچڻ جو امڪان آهي.