ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )مُلڪ ۾ غير يقيني سياسي صورتحال ۽ نئين مانيٽري پاليسي هيٺ وياج جي شرح ۾2 سيڪڙو امڪاني واڌ جي اطلاعن سبب ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريشٿي وئي، واپارين جا 200 ارب رپيا ٻڏي ويا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه ڪراچي اسٽاڪ مارڪيت جي 100 انڊيڪس 1378.54 پوائنٽن جي لاٿ سان 38342.2 تي بند ٿي، 24 جون 2022 کان پوءِ 100 انڊيڪس ۾ اها وڏي لاٿ آئي آهي، گذريل 3 سيشنن دوران مجموعي طور تي 2460 پوائنٽن جي لاٿ اچڻ ڪري سيڙپڪارن جا 2 کرب رپيا ٻڏي ويا آهن، واضح رهي ته جولاءِ 2020 کان پوءِ پهريون ڀيرو اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس 39000 پوائنٽن جي نفسياتي حد کان هيٺ هلي وئي آهي،