سياسي سوپ اوپيرا جي آخري قسط ايندي؟

0
147
ڪھاڙيءَ ڏيون ڏوھه ڪھڙو اياز!

پاڪستاني پاليٽڪس به انهن طويل ڊرامن جهڙي آهي، جن کي مغرب ۾ “سوپ اوپيرا” سڏيو ويندو هو. ان نالي جو سبب اهو نه هو ته ڪو انهن ڊرامن ۾ “اوپيرا” جا انداز اپنايا ويندا هئا. اهي طويل پر عام ڊراما هوندا هئا. پر جيئن ته ابتدا ۾ انهن ڊرامن جي لاءِ اشتهار صابڻ ٺاهڻ واريون ڪمپينون ڏينديون هيون، ان ڪري انهن ڊرامن جو نالو “سوپ اوپيرا” پئجي ويو. سوپ اوپيرا جا پلاٽ سادا هوندا هئا پر انهن جون ڪهاڻيون منجهيل هونديون هيون. انهن ڊرامن ۾ ڪجهه محبت، ڪجهه سيڪس، ڪجهه سازش ۽ ڪجهه منافقت سميت اهو سڀ ڪجهه شامل هوندو هو، جيڪو ڪجهه انسان جي فطرت ۾ موجود آهي. اهي ڊراما گهڻو ڪري بي مقصد هوندا هئا. پر پوءِ به انهن ۾ ماڻهن جي وڏي دلچسبي هوندي هئي. اهي ڊراما آمريڪي، يورپي ۽ پوءِ انڊيا جي عوام لاءِ اهڙو نشو بڻجي ويا هئا، جن کي وڏي عمر وارا مرد ۽ نواجون عورتون وڏي شوق سان ڏسنديون هيون. انهن ڊرامن جي ايندڙ قسطن جو شدت سان انتظار رهندو هو. اهي ڊراما پنهنجي ماهيت ۾ عجيب قسم جو تاثر پيدا ڪندڙ هئا. انهن ڊرامن کي ڏسڻ وارا ايستائين جڪڙيا پيا هوندا هئا، جيستائين اهي جاري رهندا هئا.

هونئن ته هر ملڪ جي سياست “پتن جي گهر” (House of Cards) جهڙيون ڪهاڻيون پيش ڪندڙ آهي پر اسان واري ملڪ جي سياسي سوپ اوپيرا جو مزو ئي ڪجهه الڳ آهي. ڇو ته پاڪستاني سياست جو سڀ کان وڏو ڊرامائي انداز اهو آهي ته ان ۾ هڪ قسم جي يڪسانيت ناهي. ايئن ناهي ته ان جي ڪهاڻي تمام سڌي طرح سان هلندڙ آهي. هن سياسي ڊرامي جو سڀ کان دلچسپ پهلو اهو آهي ته اوهان هن ڊرامي جي ايندڙ قسط ته ڇا پر نئين سين جي به اڳڪٿي ڪري نه ٿا سگهو. هن ڊرامي ۾ ڪنهن به وقت، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

ڇا پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ بذات خود هڪ ڊرامي جو پلاٽ ناهي؟ ڪنهن سوچيو به نه هو ته عظيم هندوستان جنهن کي مغلن فولادي ٻانهن سان فتح ڪري ان مٿان لاڳيتو راڄ ڪيو. جنهن تي نه رڳو وچ ايشيائي پر ايراني ۽ افغاني فوجن جون يلغارون رهيون. اهو هندوستان جنهن جو اقتدار سازشي سياست سبب ڀورا ڀورا ٿي ويو. انهن جي ٽڪڙن کي ميڙي سهيڙي جنهن مٿان آخر ۾ انگريزن حڪومت ڪئي. اهو هندوستان جيڪو پوئين صديءَ جي پنجن ڏهاڪن تائين پراسرا ملڪ جو منظر پيش ڪندو هو. اهو هندوستان جيڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ الڳ دنيا هو. ان هندوستان جي لاءِ ڪير  سوچي ٿئي سگهيو ته جنهن کي موريا گهراڻي کان وٺي مغلن شاهيءَ تائين ڪو به ٽوڙي نه سگهيو، ان کي ٻه اڌ ڪري ويندو، ڪمزور ۽ نعيف جسم وارو اهو شخص جنهن جو نالو محمد علي جناح هو.

اهو شخص جيڪو سلهه جو مريض هجڻ جي باوجود به سموڪر هو. هو جيڪو ڪلين شيو ۽ انگريزن جهڙي لائف اسٽائل رکندو هو. ان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ايڏو وڏو ملڪ وٺي ڏنو، جنهن کي هو سنڀالي به نه سگهيا. نتيجي ۾ جيڪو ٽٽي ٻه ٽڪر ٿي ويو. ڇا ان ملڪ جي ڪهاڻي ڊرامائي ناهي، جنهن جو باني پنهنجي عمر جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ڀيڻ کي چوندو هجي ته هي ماڻهو منهنجي مزاج پرسي ڪرڻ نه آيا آهن. هي ماڻهو اهو ڏسڻ آيا آهن ته مان مري ويو آهيان يا اڃان جيئرو آهيان؟ ان شخص جي ڀيڻ ۽ هن جي ڪامريڊ سان جيڪي تعديون ڪيون ويون، اهي هن ملڪ جي خوفناڪ ماضيءَ جو شرمسار داستان آهن. لياقت علي خان جهڙو انسان به جڏهن احسان فراموش بڻجي وڃي ۽ فاطمه جناح جي مٿان پابنديون عائد ڪري ته پوءِ ان ايوب خان جي مٿان ڪهڙي ميار، جنهن جي مٿان هن مهل تائين اهو الزام آهي ته فاطمه جي موت ۾ هن جو به ڪردار هو.

اهو ملڪ جنهن جو موجد هڪ جمهوري مزاج جو ماڻهو هو، ان ملڪ جي مٿان مستقل طور تي جهڙي طرح ورديءَ وارن جو راڄ رهيو آهي. ڇا اهو پاڻ هڪ ڊرامائي قسم جو آئوٽ لڪ ناهي؟ جڏهن رات جو دير تائين ميٽنگون ٿينديون هجن. جڏهن پنهنجي ملڪ کي فتح ڪرڻ جون سازشون سٽبيون هجن. جڏهن اقتدار جي حوس ۾ ان جي به پرواهه نه ٿيندي هجي ته ڀلي ملڪ جا ٻه ٽڪرا ٿي وڃن. ان ماحول ۾ هڪ ڪمزور جسم ۽ مضبوط ذهن جي مالڪ ماڻهوءَ جو سياست ۾ اڀري اچڻ وارو انداز تمام گهڻو اتساهه پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو شخص جيڪو ٽٽل ڦٽل ۽ هڪ شڪسته ملڪ کي ايٽمي پاور بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ان انسان جي اقتدار تي آڌي رات جو قبضو ڪرڻ ۽ هن کي گرفتار ڪري جيل اماڻڻ ۽ ان بعد هن کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاسيءَ جي ڦندي تي پهچائڻ واري ڪار ڪنهن به طور تي تمام گهڻو تجسس ۽ تمام گهڻي تلخي پيدا ڪندڙ هجي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ان مهل اڃان وڌيڪ ڊرامائي بڻجي وڃي ٿو، جڏهن ڏهه سان مڪمل ڏهڪاءَ سان اقتدار ۾ رهندڙ آمر انبن جي پيتين ۾ رکيل بمن سبب هوا ۾ پرزا بڻجي وڃي.

پاڪستان ۾ ضيائي آمريت کان پوءِ جيڪو نيم جمهوري حڪومتن جو دور آيو، اهو ته پهرين اڌ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪيندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ رهيو. ڪهڙي طرح چونڊيل حڪومتن خلاف سازشون سٽيون ويون؟ ڪهڙي طرح سولين سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، پنهنجي اقتدار کي پڪو پختو ڪيو ويو؟ ڪهڙي طرح افغان جنگ کي ڪمائيءَ جي اڏي ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح ان جنگ جي پڄاڻيءَ تي امداد بند ٿيڻ جي صورت ۾ نوان منصوبا عمل ۾ آندا ويا؟ ڪهڙي طرح هڪ سويلين سياستدان کي اقتدار کان هٽائي سعودي عرب روانو ڪيو ويو؟ اهو سڀ ڪجهه ڊرامن ۾ ئي ته ٿيندو آهي. ڇو ته ڪو به ملڪ اهو ڪجهه حقيقت ۾ برداشت ڪري نه ٿو سگهي. پر پاڪستان جي هندي ٻولي ۾ “سهن شڪتي” يعني سهپ جي سگهه تمام گهڻي آهي.

ان ڪري ايترن سارن ڪلورن کان پوءِ به هي ملڪ موجود آهي ۽ نه رڳو موجود آهي پر هن خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ دنيا ۾ پنهنجي مخصوص سڃاڻپ سبب مشهور به آهي.پاڪستان جي بانيءَ جي ڀيڻ کي ته مبينا طور تي قتل ڪيو ويو پر پاڪستان جي محسن جي ڌيءَ جو ته سرعام خون ڪيو ويو. بنظير ڀٽو جو خون ۽ آصف زرداري جي پاران “پاڪستان کپي” جو نعرو ان اقتداري سوديبازيءَ جو سبب بڻيو، جنهن ۾ مسٽر ٽين پرسينٽ کي ملڪ جي صدر جي طور تي به تسليم ڪيو ويو. سنڌ ۾ 14 سالن جو اقتدار پيپلز پارٽيءَ کي سياسي سوڀ سبب مليو آهي ته اها پيپلز پارٽيءَ جي عظيم ڀل آهي. آصف زرداريءَ جهڙي قيادت هوندي به پنج سال پوري ملڪ جو مڪمل اقتدار ۽ پندرهن سالن تائين سنڌ جي بادشاهي پٽي تي لکي ڏيڻ جو مطلب هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن ڪوئي ڄاڻي واڻي ان کي نه ٿو سمجهڻ چاهي ته “جاگتي ڪو ڪون جگائي؟”

پاڪستان جي ڊرامائي سياست ۾ صرف ورديءَ ۽ شيروانيءَ وارن جو ڪردار نه رهيو آهي پر هن ملڪ جي سياست ۾ مذهبي سياست جو ڪارڊ جهڙي ريت تمام وافر انداز سان استعمال ٿيو آهي، ان جي الڳ ڪهاڻي آهي. جهڙي ريت پاڪستان ۾ ترقي پسندن ۽ ڪميونسٽن پنهنجو لوڻ هن سياسي کاڌي ۾ شامل ڪيو آهي، انهن جو ذڪر معمولي هوندي به تمام گهڻو دلچسب آهي. ڇو ته “آخر شب ڪي همسفر” جهڙا خيال صرف مسلم ليگ ۽ پ پ جي سياست پيدا نه ٿي ڪري سگهي.

آمريت، جمهوريت ۽ اشتراڪيت جي ردعمل ۾ قومپرستيءَ جو پيدا ٿيڻ به ته فطري عمل آهي. اها قومپرستي جيڪا اوڀر پاڪستان کي بنگلاديش بڻائي وئي. اها قومپرستي بلوچن جي ويران پٽن ۾ هڪ تمام غصي ڀري ڪيفيت پيدا ڪندڙ هئي. اها قومپرستي جيڪا پهاڙن جي پاڇي ۾ رهندڙ پٺاڻن وٽ الڳ انداز سان آئي. اها قومپرستي جيڪا سنڌ جي سلسلي ۾ الڳ روپ رنگ وٺي آئي. پر جڏهن قومپرستي مظلوميت جو ردعمل بڻجڻ بدران ظلم ۽ دهشت جو روپ ڌارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪراچيءَ ۾ ان “ايم ڪيو ايم” جو جنم ٿئي ٿو، جيڪا ايم ڪيو ايم پنهنجن پيدا ڪندڙ قوتن جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي.

پاڪستان جي ڊرامائي سياست جو دلچسپ موڙ ان مهل شروع ٿيو، جڏهن هڪ مشهور ڪرڪيٽيئر ۽ پلي بواءِ وارو ماضي رکندڙ ماڻهو ان سياست ۾ داخل ٿيو، جنهن سياست ۾ هن مهل هو هڪ “ڪلٽ” بڻجي ويو آهي. عمران خان ملڪي سياست ۾ هڪ عقيدي جو روپ ڌارڻ لڳو آهي. جيتوڻيڪ هن جي عملي زندگي مذهبي حوالي سان نه گذري آهي. هن پنهنجي سڄي حياتي مڪمل من ماني ڪئي آهي. پر هو جهڙي طرح اقتدار ۾ آندو ويو ۽ جهڙي ريت اقتدار مان ڪڍيو ويو، اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو دلچسب ڊرامي جو موضوع آهي.

هو هن وقت هڪ ڊرامو گهٽ ۽ هڪ فلم وڌيڪ آهي. ڇو ته هو اهو واحد سياستدان آهي، جنهن سياسي اسٽيج کي سياسي گانن سان ڳنڍيو ۽ اهو ڳانڍاپو هن مهل ايترو ته وڌي ويو آهي جو مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي ته پري جي ڳالهه رهي پر هاڻي ته جمعيت علماءِ اسلام به سياست ۾ گانن جي شموليت جي سلسلي ۾ مجبور بڻجي وئي آهي. پاڪستاني سياست جو ڊرامو هن مهل پنهنجي پوري اوج تي آهي. جڏهن عمران خان اقتدار مان ٻاهر اچي نه صرف مخالف سياستدانن لاءِ به ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ انصاف جي ادارن لاءِ هڪ اهڙو دردِ سر بڻجي ويو آهي، جنهن کي هٿيڪو ڪرڻ انهن جي لاءِ تمام گهڻو مشڪل آهي.

عمرا خان جي انٽري ملڪي سياست جي ڊرامي ۾ هڪ عجب ڪردار جي انٽري آهي. هن وقت اقتداري سياست جو محور عمران خان بڻجي رهيو آهي. جڏهن ته هن جا مخالف هن جي عوامي سپورٽ تي حيران گهٽ ۽ پريشان گهڻا آهن. هو سڀ هڪ اهڙي سياستدان سان هارائيندڙ بازي کيڏي رهيا آهن، جنهن جي ذات ۾ سياسي خوبيون ناهن پر هو پنهنجن مخالفن جي سياسي خرابين کي ڪيش ڪري رهيو آهي. شرم جوڳيون سازشن ۽ غلط قسم جي فيصلن جي سنگم سان وجود ۾ ايندڙ ملڪي سياست جو اهو سوپ پيرا هلندو رهندو يا ان جي ڪائي آخري قسط به ايندي؟