حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ناميارن ليکڪن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ عورتن مطالبو ڪيو آھي ته سياسي پارٽيون پنھنجي پارٽين جي منشور جو جائزو وٺي عورتن، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سميت اقليتن کي پوري نمائندگي ڏيڻ کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته آئين موجب سمورا شھري برابر آھن.حيدرآباد جي خانه بدوش رائٽرز ڪيفي ۾ سماجي تنظيم سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان پاران جذبا پراجيڪٽ تحت ”عورتن، نوجوانن ۽ اقليتن“ جي سياسي عمل ۽ فيصلاسازي ۾ حصيداري بابت سياسي جماعتن جي منشور ۾ نقطا شامل ڪرائڻ لاءِ مشاورتي ويهڪ منعقد ڪئي وئي. ويهڪ ۾ نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي ڳالھائيندي چيو ته ترقي يافته جمھوريتن ۾ صنفي اڻ برابري ناهي هوندي. اتي مرد عورت يا اقليت جو تصور ناهي. قانون جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن. سماجي تنظيم سافڪو جي سربراھه سليمان جي ابڙو چيو ته سياسي پارٽين جي منشورن جي خامين کي ڏسڻ گهرجي. يوٿ پاليسي جو نئين سري سان جائزو وٺڻو پوندو ڇاڪاڻ ته نوجوان ۽ نارين جي سياسي تربيت ۽ تعليم سياسي جماعتن جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي ان ڪري اسان کي سياسي جماعتن آڏو به پنهنجو تجويزون پيش ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته نوجوان طبقي جو سمورن شعبن تي حق آهي. سينيٽ ۾ صوبن جي نمائندگي تي صوبي جي ماڻهن جو حق آهي پر اسان جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڪيڊميا سان رابطي ۾ ناهن ان ڪري هو عالمي توڙي ملڪي صورتحال کان اڻڄاڻ هوندا آهن. ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش چيو ته هي سال چونڊن جو آهي ان ڪري اسان چاهيون ٿا ايندڙ عام چونڊن ۾ سياسي جماعتون عورتن، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سميت اقليتن کي مناسب نمائندگي ڏين ان لاءِ مشاورتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي آهي جيئن چارٽر آف ڊمانڊ ٺاهي سياسي جماعتن آڏو رکي سگهجي. نامياري ليکڪه امر سنڌو چيو ته نوجوانن جي رڳو سياسي جماعتن اندر نه پر هر جڳهه تي موجودگي ضروري آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تائين شاگرد يونين هئڻ گهرجي جڏهن ته ڪاليج سطح کان نوجوانن جو آواز اچڻ گھرجي. خانگي توڙي سرڪاري يونيورسٽين ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي نمائندگي ضروري آھي. ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي مان شاگرد يونين لاءِ هڪ ايڪٽ پاس ٿيو آهي. توڙي جو ان کي اڻپورو سمجهون ٿا پر تنھن ھوندي به جيڪو ايڪٽ پاس ٿيو آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. نامياري سماج سڌارڪ اڳواڻ پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته عورتن ۽ نوجوانن جي ليڊرشپ پيدا ڪرڻ لاءِ سياسي تعليم جي ضرورت آهي ۽ يونيورسٽين ۾ يوٿ پوليٽيڪل ڪلب ٺاهيو وڃي. ان موقعي تي مصطفيٰ بلوچ، زيب النساءِ ملاح، ڊاڪٽر حسين مسرت شاهه، صنم ٽالپر، عبدالباسط خان، عباس کوسو، پشپا ڪماري، شھناز شيدي، شھناز حاجاڻو، ماروي اعواڻ ۽ ٻين پڻ ڳالھايو.