سياست کان وڌيڪ شاعري جو ڪردار … آزاد انور مهر

0
419
سياست کان وڌيڪ شاعري جو ڪردار ... آزاد انور مهر

 هر دور جي حالتن جو جيترو خوبصورت اظهار شاعري ۾ هوندو آهي ايترو جاندار ۽ جٽادار اظهار ادب جي ٻي ڪنهن به صنف ۾ ٿي نه ٿو سگهي. سنڌ جي سرزمين ويدن کان وٺي شاعريءَ جي ذريعي زنده آهي، شاعريء جي اهميت بابت حليم باغي جي ڪتاب ”اڙي شهر جانان“ جي مهاڳ ۾ آريسر صاحب لکيو آهي ايشيا ۽ آفريڪي ماڻهن جي زندهه دل هجڻ ۾ سياست کان وڌيڪ شاعريء جو ڪردار آهي. اها شاعري ئي آهي جنهن سنڌ جي سياست کي ادب سان ملائي اهڙي ڌن تخليق ڪئي جيڪا ڪنوار جي ڏنل پهرين پيار جي خوبصورت ٽهڪ جي احساس جھڙي سندر هوندي آهي: شاعري جي عالمي ڏينهن تي ڀيٽا (مواد فيس بوڪ تان ورتل)