سياستدانن کي فوج سوڌو ساک وارن ادارن جو تقدس ڏِسڻ گهرجي: خواجه آصف

0
218
سياستدانن کي فوج سوڌو ساک وارن
سياستدانن کي فوج سوڌو ساک وارن ادارن جو تقدس ڏِسڻ گهرجي: خواجه آصف

اسلام آباد: بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سياسي پارٽيز تي ملڪي سلامتي جي ادارن جو احترام لاڳو ٿئي ٿو، جهيڙا جهٽا ڪنهن ٻئي وقت لاءِ کڻي رکو
هن چيو ته سياستدانن کي فوج سوڌو ساک وارن ادارن جو تقدس ڏِسڻ گهرجي، سياستدانن کي هي جهيڙو پنهنجي حدن ۾ رکڻ گهرجي
خواجه آصف چيو ته جهيڙي کي ڪنهن ٻئي جي حدن ۾ نه اُماڻيو وڃي، حالتن ۾ خرابي سڀني لاءِ مسئلا پيدا ڪندي، دعا آهي ته حالتون ڪنٽرول ۾ اچي وڃن
هن وڌيڪ چيو ته ٻڌو آهي شهباز گِل ڪالهه چيو ته فوج منهنجي جان آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، سڀني کي فوج جو احترام ڪرڻ گهرجي
دفاعي وزير چيو ته سوات ۾ طالبان جي موجودگي جي اطلاعن کي ڏسي رهيا آهيون، ان حوالي سان افغان سرڪار سان به لڳاتار رابطن ۾ آهيون

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d8%b1%d8%b6%d8%a7-%d8%b1%d8%a8%d8%a7%d9%86%d9%8a-%d8%b7%d8%b1%d9%81%d8%a7%d9%86-%d9%86%d9%8a%d8%b4%d9%86%d9%84-%d8%a7%d9%8a%da%aa%d8%b4%d9%86-%d9%be%d9%84%d8%a7%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d9%86%d8%a6%d9%8a/

مشرف جي ڏيهه واپسي ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي: خواجه آصف

آرمي چيف جي مقرري مامروعمران حڪومت جي تبديلي جو ڪارڻ بڻيو: خواجه آصف