ڪراچي (نمائندن وٽان) سياري جي پهرين وسڪاري کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، قاضي احمد ۾ ٿڌ جي سٽ نه سهندي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته برسات سبب متاثرن جا اهنج وڌي ويا آهن. سکر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ هلڪي برسات سبب ٿڌ وڌي وئي. سخت سرديءَ سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. ڪاروباري سرگرميون متاثر رهيون.  ٿڌ وڌڻ سان ئي گرم ڪپڙن جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي. موسميات کاتي پاران سکر سميت شڪارپور ۽ آسپاس ٻن ڏينهن تائين هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. حيدرآباد ۾ سياري جي مند جي پهرين بونداباندي پئي، جنهن جي ڪري شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، ٿڌ ۾ اضافي سبب شهر جون دير سان بند ٿيندڙ مارڪيٽون ۽ دڪان جلدي بند ٿي ويا، جڏهن ته رستن تان ٽريفڪ به گهٽجي وئي.  هوڏانهن روهڙي، ڪنڌرا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ هوا سان گڏ ھلڪي برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو. راضيديرو ۽ ڀرپاسي برسات سبب ٿڌ وڌڻ بعد برسات متاثر ماروئڙن جا اهنج وڌي ويا. اڳڙا، مهتاڻي،  دلاور کهڙو، ستابو، راضيديرو ڪچو، احمد آباد جکڙ،  منشي عبدالله آرائين،  بنگالو سميت مختلف ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪالهه به وقفي وقفي سان هلڪي برسات جاري رهي. ميھڙ شھر ۽ ڀرپاسي  جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان ھلڪي ھلڪي بارش جاري رھي. واهي پانڌي ۽ گورک هل اسٽيشن تي هلڪي برسات سبب ٿڌ ۾ اضافي سبب ماڻهو گهر تائين محدود ٿي ويا، دادو ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جهڙالي موسم ۽ هلڪي هلڪي برسات پئي، لاڙڪاڻي ۾ سياري جي پهرين وسڪاري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ  ٿي وئي.سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ حاضري انتهائي گهٽ رهي، وسڪاري بعد لوڊشيڊنگ سبب عام زندگي توڙي ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر رهيون جڏهن ته سوئي گيس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب گهريلو عورتن کي خاص طور رڌپچاءَ جي وقت سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.سجاول جوڻيجو ۾ ھلڪي برسات ۽ اتر جي ٿڌي ھوا گھلڻ سبب بي گھر بڻيل سوين متاثرن جا اھنج وڌي ويا. مبارڪپور ۾ برسات پوڻ سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي،  جڏهن ته  سوين ايڪڙ زرعي زمينن ۾ پوکيل گدري، ٽماٽي، بادرنگ توري مرچ سميت گل جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. قمبر هلڪي برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو اچي ويو آھي، ڊٿل گهرن توڙي تنبن ۾ ويٺل متاثرن جي اهنج وڌي ويا. گاجي کهاوڙ ۾ برسات متاثرن جا اهنج وڌائي ڇڏيا آهن، متاثرن جو چوڻ هوته خيما، گرم ڪپڙا ۽ ڪمبل به ناهن ملي سگهيا. دريا خان مري ۽ آسپاس وارن علائقن چاناري، لوٺي، منگيا موري، جاڙي ۽ کرڙو ۾ ھلڪي برسات پئي جنهن بعد ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، قاضي احمد ۾ سردي جي شديد لھر، ٿڌ لڳڻ سبب ڳوٺ صوبدار چانڊيو واسي 35 سالا حسين بخش چانڊيو فوت ٿي ويو، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته همراهه موٽر سائيڪل تي گاجي شاهه جي ميلي تان ڳوٺ واپس ايندي آمري پل وٽ سردي لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.