ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياحن کي  سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته سانحو نه ٿئي ها. مري ۾ سيءَ سبب سياحن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان سانحي تي سڄو ملڪ سوڳوار آهي، انتظاميا سياحن جي مدد لاءِ بنا دير هنگامي قدم کڻي. هن چيو بهتر هجي ها ته مري ۾ سياحن کي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته جيئن اهڙو واقعو پيش نه اچي.