خرطوم (م ڊ) سوڊان ۾ ويڙهه جاري آهي، جتان پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي جو پلان تيار ٿي ويو آهي، وزيراعظم آفيس موجب 427 پاڪستاني سوڊان جي بندرگاهه پهچي ويا جتان هو وطن واپسي لاءِ روانو ٿيندا، انهن ماڻهن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست به پاڪستان حڪومت ڪيو آهي. بيان موجب سوڊان مان خاص جهازن ذريعي پاڪستانين جي واپسي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، پاڪستانين جي وطن واپسي لاءِ دوست مُلڪ ۽ خطي ۾ پاڪستاني سفارتخانا مدد ڪري رهيا آهن.  واضح رهي ته سوڊان ۾ فوج ۽ پيرا پلٽري فورس وچ ۾ چڪرين دوران هنيئر تائين چار سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿي چڪا آهن. وزيراعظم آفيس موجب جنگ سٽيل سوڊان مان شهرين جي وطن واپسي لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت جي اختيارين ۽ سوڊان ۾ پاڪستاني سفير کي شاباش ڏني. ٻئي طرف ڊبليو ايچ او جو چوڻ آهي ته ويڙهه ۾ هيستائين 420 ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 3 هزار 700 زخمي ٿيا آهن. ملڪ ۾ انساني صورتحال خراب ٿي رهي آهي ماڻهن جي طبي امداد تائين پهچ نه آهي ڪيترن ئي ماڻهن وٽ کاڌو ۽ پاڻي به موجود نه آهي.