تحريڪ خطرناڪ آهي يا تحرڪ خطرناڪ آهي، ماڻهن جو گڏ ٿيڻ يا گڏ هجڻ خطرناڪ آهي يا وري هڪ نظريئي ۽ هڪ بيانيي جو ٺهڻ ۽ ان تي ماڻهن جو متفق ٿيڻ.ڪا ته شيءَ ڊيڄاريندڙ آهي جيڪا ڪنهن جون ننڊون ڦٽائي ٿي ڇڏي.
جڏهن ملڪ ۾ ڪا عوامي تحريڪ جنم وٺندي آهي ته ڪاميابي تائين پهچندي پهچندي اها مختلف ڌڙن ۾ ورهائجڻ شروع ٿي ويندي آهي، ان جو سبب اختلاف راءِ به ٿي سگهي ٿو پر پسمنظر ۾ ڪجهه ڌرين جي منصوبا بندي به شامل هوندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ عوام ۽ حڪومتن جي وچ ۾ گهڻا تضاد رهيا آهن، جڏهن پهرين منتخب جمهوري حڪومت کي ختم ڪري منتخب وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽوکي ڦاسي تي چاڙهيو ويو، ان وقت جي آمرضياءَ ملڪ جي نظام سان گڏوگڏ مذهب جي نالي تي ماڻهن کي گمراهه ڪري جمهوريت جي خلاف سوچ پيدا ڪئي هئي. هڪ ته هر معاملي کي مذهبي رخ سان ڏسڻ واري سوچ ۽ نظريو مسلط ڪيو ويو،اهڙو بيانيو تخليق ڪيو ويو جنهن ۾ عام ماڻهو هڪ نظر نه ايندڙ ڌٻڻ ۾ ڦاسجندو ويو.
حڪومت جي خلاف ڳالهائڻ ڄڻ ته ڪنهن مقدس شيءَ جي خلاف ڳالهائڻ جي برابر ٿي ويو. تعليمي نصاب کان وٺي سڀني سرڪاري ادارن جي سوچ جي زاوين کي تبديل ڪيو ويو، اهڙو نسل تيار ڪيو ويو جنهن مزاحمت کي غلط قدم ٿي سمجهيو. ان وقت به سنڌ ۾ موجود ماڻهن انهن پابندين کي قبول نه ڪيو.
MRD ايم آر ڊي جي ذيعي 10 سالن جي آمريت جو خاتمو ٿيو پر اهو تڏهن ممڪن ٿيو، جڏهن ضياءَ حادثي جو شڪار ٿيو پر ان حادثي ضياءَ جي حڪومت کي ختم ضرور ڪيو پر ان جو بيانيو ختم نه ٿي سگهيو، ڇو ته ضياءَ اڪيلو نه هو. هو به مهرو هو، جنهن کي رياست جي بيانيي کي تبديل ڪرڻ لاءِ آندو ويو. اهو بيانيو هن وقت هر اداري ۾ موجود آهي،سياست کان وٺي ملڪي ڪاروهنوار هلائيندڙ هر اداري ۾ موجود آهي. مخصوص اداري ان بيانيي جي حفاظت پئي ڪئي آهي، مخصوص سوچ کي چئلينج ڪندڙ ڌريون ۽ تحريڪون ختم ڪيون وينديون آهن.
ضياءَ جي آمريت ختم ٿي پر ان جي سوچ ادارن مٿان حاوي آهي ڇو ته ان جي پٺڀرائي سگهارن ادارن پاران ڪئي وڃي ٿي. هن وقت عام ماڻهو مٿان اها سوچ مڙهيل آهي ته سياست دان ڪرپٽ آهن، سياست ۾ صرف هڪ ٻئي خلاف سازشون آهن سياست کي منفي ڪري پيش ڪرڻ وارو رجحان تمام خطرناڪ آهي، سالن کان اهو طريقو جاري آهي جتي ڪا سازش يا ڪو اختلاف راءِ سامهون ايندو ته چيو ويندو آهي ته سياست پيو ڪري اهو ڄڻ ته نئون پهاڪو ۽ اصطلاح ٻولي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان منفي تصور عام نوجوانن ۽ عورتن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آهي سياسي شعور رکندڙ ماڻهو به ان منفي پروپئگينڊه مان متاثر نظر اچن ٿا. تازو جڏهن P,D,M جي تحريڪ شروع ٿي ته ميڊيا جي ذريعي ئي بي بنياد تنقيد شروع ڪئي وئي، ايتري قدر جو هر هڪ سياسي جماعت جي ميمبرن باقاعده ڪردار ڪشي جي مهم هلائي.
P,D,M جو مقصد، PTI جي حڪومت جي غلطين کي وائکو ڪرڻ ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ هلائڻ سان گڏوگڏ عمران خان حڪومت جو خاتمو پڻ هو،
ابتدا ۾ عوام جي ذهن ۾ به گهڻا سوال هئا ته سياسي اختلاف رکندڙ ملڪ جون وڏيون سياسي جماعتون جيڪي عوامي مفادن جي جنگ لاءِ سنڀريون آهن سي آخر ڪار ڪيترو گڏ هلي سگهنديون؟ موجوده حڪومت خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙي اڳيان وڌڻ واري تحريڪ تمام جلد اختلافن جو شڪار ٿي وئي پر هو اهو طئه نه ڪري سگهيا ته ڪهڙي ايجنڊا تي گڏ بيهي سگهندا ۽ ڪهڙي ايجنڊا تي گڏ نه بيهي سگهندا.
مختصر عرصي ۾ عوام سمجهي ويو ته PTI جي حڪومت عوام دوست نه آهي پر حڪومت جو قائم رهڻ سگهارن ادارن جي پٺڀرائي جي ڪري آهي. عمران جي دور ۾ هر سنڌ دشمن پاليسي تي ڪم ٿي رهيو آهي. PTi جي حڪومت وٽ سنڌ جي لاءِ ڪا به منصوبه بندي نه نٿي نظر اچي.
جڏهن به سنڌ ۾ سگهاري تحريڪ شروع ٿئي ٿي ته ان کي هيسائي ورهايو وڃي ٿو ، تازو مثال عورت آزادي مارچ جو پڻ آهي. عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين ڏوهن،صنفي تفريقي روين خلاف سگهاري تحريڪ هلي رهي آهي پر وري مختلف طريقن سان ميڊيا جي ذريعي عورتن جي ڪردار ڪشي مهم جاري پڻ آهي. سياسي سماجي ڌريون جڏهن ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن ٿيون ته اسٽيبلشمينٽ پاران مختلف حربا استعمال ڪري انهن تي پهرين سوال اٿاريا وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن کي ورهايو وڃي ٿو.
اسان وٽ بين الاقوامي انقلابن جا مثال ڏنا ويندا آهن ۽ انهن جي نظرين جا پڻ بحث رهندا آهن، هر دور جي مزاحمت پنهنجي دور جي حالتن ۽ زميني حقيقتن مطابق ٿيندي آهي.
سنڌ ڌرتي تي رهندڙن هميشه ڌارين جي ڪاهن کي ڀوڳيو آهي ۽ رتورت ٿي به ويڙهه جاري رکي آهي. جسماني جنگين کان نظرياتي جنگين تائين سنڌ جي ويڙهه جاري آهي هن وقت اسين جن حالتن کي منهن ڌئي رهيا آهيون ان ۾به سنڌ جي سيڪيولر ۽ صوفي نظرئي تي حملا ٿي رهيا آهن. هاڻي جنگ شعوري سرحدن جي آهي، انتهاپسندي جو ٻج جيڪو هاڻ وڌي وڻ ٿيو آهي ۽ ان جو ميوو هرجاءِ تي موجود آهي، انهن ڌرين پنهنجي بچاءِ لاءِ مذهبي مورچو استعمال ڪيو آهي ۽ اها ڳالهه سنڌ جو عوام ڄاڻي ٿو ته باهه ڪٿان ٿي ڀڙڪي ۽ ڏڦيڙ ڪيئن ٿا وڌن.
تحرڪ ۽ گڏ ٿيڻ سان گڏوگڏ هڪ بيانيو سگهارو هجڻ ضروري آهي، جيڪا مخصوص سوچ اسان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڏهاڪن کان جاري آهي ان جو مقابلو پڻ هڪ بيانيي سان ئي ممڪن آهي. سياسي ۽ سماجي اختلاف پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، هر ڪنهن کي پنهنجي سڃاڻپ رکڻ جو پڻ حق آهي پر ڪجهه معاملا اهڙا هوندا آهن جيڪي قوم جي گڏيل سڃاڻپ تخليق ڪندڙ هوندا آهن ۽ سنڌ جي اها سڃاڻپ ۽ سوچ آهي جيڪا ٻي ڌر کي ڊيڄاري ٿي ۽ اسان کي هاڻي ان ئي سوچ ۽ بيانيي کي بچائڻ لاءِ تحرڪ ۽ تحريڪ سان گڏوگڏ متحد پڻ ٿيڻو پوندو.