سوچي سمجهي ڳالهائڻ ۾ ئي حڪمت آهي!

0
174
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سياڻن جو چوڻ آهي ته گهٽ ڳالهايو، وڌيڪ سوچيو، سوچي سمجهي ڳالهايو عزت ۽ مان پايو، يا اردو ۾ چوڻي آهي ته پهلي تولو پهر بولو. اها ڳالهه سموري دنيا جي انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي دانش رکن ٿا. پر شايد اسان جي ملڪ جي اشرافيا جو خيال آهي ته اها ڳالهه جيئن ته اهڙن ماڻهن جي چيل آهي جيڪي ڪنهن ايليٽ ڪلاس يا حڪمران طبقي سان واسطو نه ٿا رکن ان ڪري سندن انهن ۽ اهڙين ٻين حڪمت ڀرين ڳالهين تي عمل به رڳو غريبن کي ڪرڻو آهي. يا وري انهن کي جيڪي مخالف سياسي پارٽين جا ڪارڪن آهن. پر اها ڳالهه انهن ماڻهن جي عمل لاءِ ناهي جيڪي حڪمران آهن يا وري جيڪي ڪنهن به دور ۾ حڪمران رهي چڪا آهن. طاقت جي مسند تي ويٺل هر شخص پاڻ کي اهڙين سمورين پابندين ۽ سمورين ڳالهين کان مٿاهون سمجهندو آهي جيڪي عام ماڻهو تي لاڳو ٿين ٿيون. جنهن ايليٽ ڪلاس جي اها عادت آهي ته هو سمجهن ٿا ته سندن وات مان نڪتل هر ڳالهه قانون ۽ حڪم جو درجو رکي ٿي ۽ هو جيڪو ڪجهه فرمائين ٿا اهو سڀ ڪجهه ماڻهو درست مڃين ٿا ان ڪري کين سڀ ڪجهه چوڻ جو اختيار حاصل آهي. ان زعم جو شڪار ماڻهو پوءِ ڪنهن جي به نه ٻڌندا آهن ۽ هو اهو سڀ ڪجهه چئي ويندا آهن جيڪو ڳالهائڻ وقت کين به خبر نه هوندي آهي ته ان جو ڪيترو خراب اثر پوندو ۽ کين يا وري سندن حامين کي ان جا ڪيترا اگرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پر سنڌي چوڻي آهي ته رب رسي مت کسي هڻي ڪونه هٿيار، ڏسي اهڙي ڪار جتان جيءُ جوکو ٿئي. سو اسان جا سياستدان ۽ اقتدار ۾ موجود سول يا نان سول ماڻهو جڏهن پاڻ کي اڻٽر سمجهڻ لڳندا آهن ته پوءِ سندن زبان سندن ڪنٽرول ۾ نه رهندي آهي ۽ هو اهو ڪجهه چئي ويندا آهن جو ان جو ڪيتو کين لوڙڻو پوندو آهي. اسان جا سياستدان اهڙي گوهرافشاني ڪندا رهندا آهن جنهن جو تازو مثال تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان آهي جيڪو پنهنجي مقبوليت جي معراج تي پهچي ايترو ته مست ٿي چڪو آهي جو جيڪو ڪجهه دل ۾ اچيس ٿو چئي ٿو ڏئي. هن ڪيترائي ڀيرا اهڙآ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، ڪجهه هفتا اڳ ئي هن اسلام آباد جي عورت جج کي ڌمڪيون ڏنيون، اسلام آباد جي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي کي به ڌمڪايو جنهن جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي ان جو به ڪو نتيجو نڪرڻو آهي. هاڻ وري هو فوج خلاف ڳالهائي ويٺو آهي. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ٻاهرين سازش تحت امپورٽڊ حڪومت مڙهي وئي ملڪ ۾ سياسي استحڪام اليڪشن سان ايندو، هي اليڪشن کان ان ڪري ڊڄن ٿا، آصف زرداري ۽ نوازشريف جي پوري ڪوشش آهي ته اهڙو آرمي چيف اچي، جيڪو سندن حق ۾ بهتر هجي، ڇاڪاڻ جيڪڏهن محب وطن آرمي چيف آيو ته هنن کان چوري تي پڇندو. ڇاڪاڻ هنن وڏي چوري ڪئي آهي، آرمي چيف ميرٽ تي اچڻ گهرجي.

عمران جي ان بيان بعد ملڪ ۾ مانڌاڻ متل آهي. فوج جي ترجمان ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان بيان تي فوج ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر آهي. نازڪ وقت ۾ پاڪ فوج جي سينيئر قيادت کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش انتهائي افسوسناڪ آهي، آرمي چيف جي چونڊ جي عمل کي تڪراري بڻائڻ نه پاڪستاني رياست ۽ نه اداري جي مفاد ۾ آهي. جڏهن ته عمران جي پارٽي سان واڳيل صدر عارف علوي به چيو آهي ته فوج محب وطن آهي، جانيون ڏيندي آهيآرمي چيف سميت سڄي فوج جي حب الوطني تي شڪ نٿو ڪري سگهجي، عمران خان پنهنجي بيان جي پاڻ وضاحت ڪري ته ان جو ڇا مقصد هو. ساڳي ريت سياسي قيادت به ان بيان جي مذمت ڪئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته سياستدان ادارن کي سياست ۾ نه گهلين، ادارا تنقيد کان مٿاهان ناهن پر ادارن بابت رويو درست هجڻ گهرجي. ساڳئي وقت ادارن کي به پنهنجي حدن کي نه اورانگهڻ گهرجي.