سوڀو ديرو ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان 4 ٻارن جي ماءُ قتل

0
467

سوڀو ديرو (ن پ ا) سوڀو ديرو ڀرسان شيخ ۽ مڱڻيجا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان 4 ٻارن جي ماءُ قتل، ڳوٺ الياس مڱڻيجو ۾ هٿياربندن جي حملي دوران مسمات شبانه مڱڻيجو گولين جو کاڄ بڻجي وئي، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب شهري پريشان نظر آيا، علائقي واسين ۾ خوف جي لهر ڇانيل رهي، اطلاع باجود پوليس حرڪت ۾ نه آئي.