سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو شھر جي وارڊ نمبر 6 جي ڳوٺ ڪمال لاشاري ۾ جونگل لاشاري جي گھر جي چارديواري  ڪرڻ سبب 7 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، جن ۾ وقار ولد غلام حيدر لاشاري، ڪامران ولد مدد علي، سونو عرف ظفر ولد مور، امير ولد امير، حميد ولد جڙيل، رزاق ولد شاھ بيگ، راشد ولد وسند لاشاري شامل آهن، زخمي امير لاشاري ۽ وقار لاشاري جي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث سوڀوديرو اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر نه هجڻ تي ٻارن کي  پرائيويٽ گاڏين ۾ گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.ٻيا زخمي ٻارڙا سوڀوديرو جي خانگي اسپتال ۾ زيري علاج آھن.