سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو ڀرسان ٻارھين جماعت جي شاگرد خودڪشي ڪري ڇڏي. سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺ ٻنڊي موٽايو جي رھواسي 18سالن جي دلشاد علي ولد ارشاد علي شيخ ڳوٺ ڀرسان انبن جي باغ ۾ ڳچيءَ ۾ رسو وجھي خودڪشي ڪري ڇڏي. سوڀوديرو پوليس موقعي تي پھچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته شاگرد دلشاد شيخ انٽر جو شاگرد هو ۽ تمام گھڻو ذھين هو. هن گھرڀاتين سان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي. نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او سوڀوديرو محمد سليم دايو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جي والد ارشاد شيخ جو چوڻ هو ته سندس پٽ گهروارن سان ڪاوڙجي زندگي جو انت آندو. وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو. معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.