ميلان (انٽرسٽنگ نيوز) سويڊن سان تعلق رکندڙ هڪ ايٿليٽ واشنگ مشين کي 14 فوٽ 7 انچن تائين مٿي اڇلائي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. غير ملڪي ميڊيا موجب جوهان ايسپنگرونا نالي شخص اهڙو ڪارنامو اٽلي جي هڪ ريئلٽي شو “دي شو آف ريڪارڊ” سڌي ريت سرانجام ڏنو. هن شو دوران 46 ڪلو وزني واشنگ مشين کي هوا ۾ اڇلايو ته اها 14 فوٽ 7 انچن تائين مٿي وئي، جنهن سان گڏ هن لٿوانيا جي زائڊروناس سيويڪاز جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان کان اڳ زائڊروناس واشنگ مشين کي هوا ۾ 13 فوٽ 6.6 انچن تائين مٿي اڇلايو هو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ برطانيا سان تعلق رکندڙ 5 سالن جي ٻارڙيءَ پنهنجو ڪتاب شايع ڪري گنيز آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرايو هو. گنيز ورلڊ رڪارڊز جي اختيارين موجب برطانيا سان تعلق رکندڙ بيلا 5 سال 211 ڏينهن جي عمر ۾ ڪتاب شايع ڪندڙ دنيا جي سڀ کان گهٽ عمر واري عورت ليکڪ بڻجي وئي آهي.