ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون وڌيڪ 900 رپيا مهانگو، ڊالر 284 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 900 رپيا  اضافي سان 201500 مان 202400 رپيا  تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ  ۾ سون 20 ڊالرن جي اضافي سان 1924 ڊالر في آئونس تي پهتو ، هوڏانهن چاندي 2250 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر  284 رپين تي بيٺل رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 38 پئسا واڌ سان 282.28 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان  342.5 مان 343.5 ۽ يورو ڏيڍ رپيو اضافي سان 302.5 مان 304 رپيا ٿي ويا