سون 800 رپيا مهانگو: ڊالر سوا 156 رپين تي پهتو

0
342
سون 500 رپيا مهانگو
سون 500 رپيا مهانگو : ڊالر 291.9 رپين تي برقرار

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 800 رپيا في تولو مهانگو: ڊالر 25 پئسا اضافي سان سوا 156 رپيا ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 800 رپين جي واڌ سان 111700 مان 112500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا گهٽتائي سان 1450 مان 1440 رپيا في تولو تي پهچي ويو، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 25 پئسا واڌ سان 156 مان 156.25 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا جي اضافي سان 220.5 مان221 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو هڪ رپيو واڌ سان189 مان 190 رپين تي پهتو