سون 600 رپيا سستو: ڊالر 160 رپين جو ٿي ويو

0
307
ڊالر 191 رپين کان به

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون وڌيڪ 600 رپيا سستو، ڊالر 30پئسن جي واڌ سان ٻيهر 159.9 ( 160 رپيا)رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا لاٿ سان 109300 مان 108700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1500 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 30 پئسا اضافي سان 159.6 مان 159.9 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 220 مان 220.5 ۽ يورو 50 پئسا اضافي سان 187.5 مان 188 رپيا ٿي ويا