سون 350 رپيامهانگو : ڊالر ۾ 30 پئسا لاٿ

0
408

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) سون 350 رپيامهانگو ، ڊالر ۾ 30 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 230 رپين جي اضافي سان 112500 مان 112850 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1450 رپيا في تولو تي بيٺل رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 30 پئسا لاٿ سان 155.8 مان 155.5 رپيا ٿي ويو ، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا گهٽتائي سان 220.5 مان 220 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا لاٿ سان 190 مان 189.5 رپيا ٿي ويو