سون 300 رپيا في تولو سستو، چاندي مهانگي، ڊالر جو اگهه برقرار

0
359

ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ 300 رپيا في تولو گهٽتائي ٿي آهي. جڏهن ته چاندي وري 20 رپيا في تولو مهانگي ڪئي وئي آهي. عالمي صرافا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 8 ڊالر گهٽجي وئي آهي. جنهن سان في اونس جي قيمت هڪ هزار 814 ڊالر ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ سون جي في تولو قميت 300 رپيا گهٽجي وئي. في تولي جي قيمت هڪ لک 9 هزار 800 رپين مان گهٽجي هڪ لک 9 هزار 500 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته چاندي جي قيمت 20 رپيا اضافي سان هڪ هزار 520 رپيا ٿي وئي آهي. ٻئي طرف ناڻي واري اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 162 رپيا 30 پئسا، برطانوي پائونڊ 225 رپيا تي برقرار رهيو. جڏهن ته بحرين جو دينار 388 رپيا 70 پئسا، ڪويتي دينار 484 رپيا، اوماني ريال 394 رپيا 50 پئسا، قطري ريال 40 رپيا 10 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.