ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 2300 رپيا مهانگو: ڊالر 305 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2300 رپيا واڌ سان 227000 مان 229300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 19 ڊالرن جي واڌ سان 1965 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 10 رپيا اضافي سان 2840 مان 2850 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف  پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 375 مان 376 ۽ يورو 50 پئسا واڌ سان 322 مان 322.50 رپين تي بند ٿيا.