ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) سون 200 رپيا سستو، ڊالر جي مٿانهين اڏام، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 200 رپيا لاٿ سان 104700 مان 104500 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا گهٽتائي سان 1370 مان 1350 رپين تي پهتي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا واڌاري سان 155.2 مان 155.4 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 216.5 مان 216 رپين تي پهتو، هوڏانهن يورو پڻ 50 پئسن جا واڌ سان 187 مان 187.5 رپيا ٿي ويو .