سون 174900رپيا تولو واري انتهائي حد تي پهتو

0
606
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 174900 رپيا في تولو واري انتهائي حد تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 900 رپيا واڌ سان 174000 مان 174900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾  پڻ سون 3 ڊالرن جي واڌ سان1796 ڊالر في آئونس تي پهتو

هوڏانهن چاندي 1760 ۽ ڊالر 234 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي طرف  پائونڊ  هڪ رپيو لاٿ سان 298 مان 297 ۽ يورو هڪ رپيو اضافي سان  257.5 مان 258.5 رپين تي پهتا