ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اڏام: 162700 رپيا تولو ٿي ويو :  ڊالر 250 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي  جي صرافه بازار ۾ سون  4300 رپين جي واڌسان 158300 مان 162700 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي  مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالرن جي واڌ  سان   1763 ڊالر في آئونس  تي پهتو، هوڏانهن  چاندي  1630 ۽ ڊالر  250 رپين تي برقرار رهيا ، ٻئي طرف  پائونڊ 7 رپيا واڌ سان  293 مان 300 ۽ يورو 4 رپيا اضافي سان  242 مان 246 رپيا ٿي ويا