ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سون 1000 رپيا مهانگو، ڊالر ۾ 10 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 1000 رپيا واڌاري سان 103300 مان وڌي 104300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1350رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا لاٿ سان 153.5 مان 153.4 رپين تي پهتو ، جڏهن ته پائونڊ 2 رپيا واڌاري سان 211 مان 213 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو50 پئسا لاٿ سان 183.5 مان 183 رپين تي پهتو