سون 100 رپيا تولو مهانگو، ڊالر 73 پئسا سستو

0
1252
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل

ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ سئو رپيا تولو اضافو ٿي ويو، انٽربينڪ ۾ رپيو مضبوط ٿي ويو ۽ ڊالر 73 پئسا سستو ٿي ويو. ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت هڪ لک 26 هزار رپيا رهي. هڪ ڏينهن اڳ اها قيمت هڪ لک 25 هزار 900 رپيا هئي اهڙي ريت هڪ سئو رپيا في تولو اضافو ٿيو

جڏهن ته چاندي جو اگهه هڪ هزار 460 رپيا تولو برقرار رهيو. ڪالهه انٽربينڪ ۾ آمريڪي ڊالر 73 پئسا سستو ٿيو. ڊالر جي قيمت 178 رپيا 24 پئسا مان گهٽجي 177 رپيا 51 پئسا ٿي وئي. 0.41 سيڪڙو گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 180 رپيا 30 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو. هڪ ڏينهن اڳ جي ڀيٽ ۾ اها قميت 50 پئسا گهٽ آهي. هڪ ڏينهن اڳ قيمت 180 رپيا 80 پئسا هئي