سون ۾ رڪارڊ واڌ: ٻيهر 182500 رپين تي پهتو : ڊالر 235 رپين تي برقرار

0
578
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي، ٻيهر 182500 رپين تي پهتو آهي، ڊالر 235 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4500 رپين جي واڌ سان 178000 مان 182500 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ سون 12 ڊالرن جي اضافي سان 1810 ڊالر في آئونس  ٿي ويو

ٻئي طرف  چاندي 360 رپين  جي اضافي سان 1840 مان2200 رپين تي پهتي، هوڏانهن  ڊالر اوپن ماڪيٽ ۾235   رپين تي بيٺل رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾  33 پئسا واڌ سان 225.82 مان 226.15 رپيا ٿي ويو، ٻئي پاسي پائونڊ ڏيڍ رپيو واڌ سان 299 مان 300.5 ۽ يورو 50 پئسا واڌ سان 262.5 مان 263 رپين تي پهتا