ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 400 رپيا تولو واڌ ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 400 رپيا وڌي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 89 هزار 800 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي هڪ لک 90 هزار 200 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 2200 رپيا تولو برقرار رهي.ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 13 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 825 ڊالر في اونس ٿي وئي. ڪالهه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان رهيو، 100 انڊيڪس ۾ 729 پوائنٽن جو اضافو ٿيو ۽ انڊيڪس 39 هزار 784 تي بند ٿيو. ڪالهه 26 ڪروڙ 94 لک شيئرز جا سودا ٿا جن جي ماليت 10 ارب 57 ڪروڙ رپيا رهي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن 93 ارب رپيا وڌي 6 هزار 297 ارب رپيا ٿي وئي.