ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ٻيهر مهانگو: 1600 رپيا في تولو واڌ: ڊالر 238.5 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1600 رپين جي اضافي سان 180000 مان 181600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون هڪ ڊالر جي اضافي سان   1877 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2200 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾50 پئسا واڌ سان  238 مان 238.5 ۽  انٽر بينڪ ۾ 21 پئسا اضافي سان 228.14 رپين تي پهتو ، ٻئي طرف  پائونڊ ۽ يورو 2 رپيا لاٿ سان  309 مان 307 ۽ 273 مان 271 رپيا ٿي ويا