ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾  تولي تي 3000 رپين جي رڪارڊ لاٿ: ڊالر 237 رپين جو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار  ۾ سون  3000 رپيا لاٿ سان 184800 مان 181800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالرن جي اضافي سان 1876 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، ٻئي طرف چاندي 2200 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 25 پئسا واڌ سان 236.75 مان 237 ۽ انٽر بينڪ ۾ 47 پئسا واڌ سان 227.88 رپين تي بند ٿيو، ٻئي پاسي  پائونڊ هڪ رپيو اضافي سان 308 مان 309  ۽ يورو ڏيڍ رپيو واڌ سان 270.75 مان 272.25 رپين تي پهتا هئا