ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون جي تاريخي اڏام : 166400 رپيا تولو ٿي ويو: ڊالر 232 رپين تي برقرار ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون  1700 رپين جي واڌ سان 164700 مان 166400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون  10 ڊالرن جي اضافي سان  1784 ڊالر في آئونس تي پهتو ، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ  ۾ 232 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 21 پئسا واڌ سان 224.16 مان 224.37 رپيا ٿي ويو،  ٻئي طرف  چاندي 1580۽ يورو 252.5 رپين تي برقرار رهيا، ڊالر جي  بحران سبب امپورٽ  ۽ ايڪسپورٽ متاثر ٿي رهيا هئا.