ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 200 رپيا تولو گهٽتائي ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي. في تولي جي قيمت 200 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 99 هزار 200 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي هڪ لک 99 هزار رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت به2250 رپيا تولو برقرار رهي. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ سمورين اهم ڪرنسين جا اگهه برقرار رهيا