سون جي اگهن ۾ ريڪارڊ گهٽتائي، في تولو سون جو اگهه 7 هزار 800 روپين تائين گهٽجي ويو

0
942
سون جي اگهن ۾ ريڪارڊ گهٽتائي
سون جي اگهن ۾ ريڪارڊ گهٽتائي، في تولو سون جو اگهه 7 هزار 800 روپين تائين گهٽجي ويو

ڪراچي: ملڪ اندر سون جي اگهن ۾ هڪ ڏينهن دوران ريڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي ۽ في تولو سون جو اگهه 7 هزار 800 روپين تائين گهٽجي ويو آهي. سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي قيمت اڄ في تولي تي 7 هزار 800 روپيا گهٽجي وئي آهي

7 هزار 800 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه هڪ لک 24 هزار 2 سئو روپيا ٿي ويو آهي. 10 گرام سون جي ملهه ۾ 6 هزار 687  روپين جي لاٿ کانپوءِ 10 گرام سون جو نئون اگهه هڪ لک 6 هزار 481 روپيا ٿي ويو آهي. عالمي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي قيمتن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ به سون سستو ٿيو آهي. عالمي گولڊ مارڪيٽ ۾ 15 ڊالرز جي گهٽتائي کانپوءِ سون جو اگهه في اونس 1789 ڊالر ٿي ويو آهي