لاڙڪاڻو (رپورٽ : شاهه محمد لاشاري ) سون جي اگهن ۾ واڌ بعد شهري آرٽيفيشل جيولري کي اهيمت ڏيڻ لڳا، پنهنجي اخبار سان ويچار ونڊيندي سون جي ڪاريگر محمد رمضان شيخ، عشرت مهل، سلطان ميراڻي، بشير قادري، احسان علي ڀٽو، راجا شيخ، انصاف شيخ ۽ ٻين چيو ته ڊالر جي اڏام ڪري سون جا اگهه وڌڻ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.  اسان وٽ اڳ سون جي ڇلائي، ڳنڍائي، پالش ۽ ڳارائي مان ڪاريگر روزانو هزارين رپيا ڪمائيندا هئاسين، هاڻي سون گهٽ وڪرو ٿيڻ ڪري ڪم گهٽ ملڻ ڪري اسين دڪانن جون مسواڙون ۽ گهرن جا خرچ به مشڪل سان نڪري ٿو جنهن ڪري ڪيترائي سون ڪاريگر ڪم ڇڏي ٻين ڪاروبارن ۾ لڳي ويا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سون جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ٿيڻ ڪري غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو آرٽيفيشل جيولري کي اهيمت ڏين ٿا. هنن چيو ته سون جا ڪاريگر دڪان بند ڪري ڪرياني، هوٽلن سميت ٻيا ڪاروبار ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪري رهيا آهن. اگر اها حالت رهي ته ڪاريگرن جو ڇا ٿيندو سون جي ڪاريگري ۾ اسان پنهنجون عمرون ڏئي چڪا آهيون اسان کان ٻيو ڪاروبار به هاڻي نٿو ٿي سگهي. هوڏانهن صرافه دڪاندار دليپ ڪمار، خرم کچي، ذوالفقار شيخ، جيمل احمد شيخ ،فيروز ڀٽو جو چوڻ هو ته حڪومت کي گهرجي ته ملڪ ۾ ڊالر تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ڊالر جيئن وڌندو سون جا اگهه وڌندا ڊالر هيٺ ايندو ته سون جو اگهه به هيٺ لهندو ڊالر مٿي چڙهڻ سان گڏ ملڪ ۾ هر شي مهانگائي ٿيڻ ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.