سون جا اگهه برقرار، چاندي جي قيمت ۾ معمولي لاٿ

0
382

ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جا اگهه برقرار رهيا آهن جڏهن ته چاندي معمولي سستي ٿي آهي. سونارا مارڪيٽ مان گڏ ڪيل معلومات موجب ڪالهه سون جو اگهه هڪ لک 10 هزار 100 رپيا في تولو تي برقرار رهيو. جڏهن ته چاندي جو تولو هڪ هزار 550 رپين مان گهٽجي هڪ هزار 540 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته ڊالر ۽ بي پرڏيهي ڪرنسي جو اگهه به برقرار رهيو.