ٺٽو ( رپورٽر ) ڪينجھر ٿاڻي جي حد ۾  ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراهه تي سونڊا شهر ۾ موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل هٿيار بند ن 125 موٽر سائيڪل تي ويندڙ ھڪ شخص کيي گوليون هڻڻ بعد فرار ٿي ويا. چيو پيو وڃي ته زخمي شخص کي ھڪ ڪار سوار ڪار ۾ کڻي ويا جڏهن ته ڪينجهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او بشير ملاح پڻ رابطي ڪرڻ تي پيش آيل واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته جاءِ واردات واري هنڌ تان گولين لڳل ڄاڻايل شخص جي موٽر سائيڪل کي پوليس پاران  تحويل ۾ وٺي واقعي جي پڻ گھڻ رخي جاچ شروع ڪئي وئي آهي پر ھن مھل تائين زخمي جي نالي ۽ ڪٿي آھي جي خبر ناھي پئجي سگھي جڏھن تہ سوشل ميڊيا تي گولين لڳل شخص جي اسپتال ۾ ساجد خان پٺاڻ جي نالي طور سڃاڻپ ڄاڻائي پئي وڃي.