ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سونو سود ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي خطرناڪ صورتحال تي سهپ وڃائي ويٺو ۽ جذبات ۾ اچي روئي پيو.ميڊيا رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو سلسلو رڪجي ئي نٿو ۽ روز صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، هڪ انٽرويو ۾ سونو سود مدد لاءِ ايندڙ ڪالز جو ذڪر ڪندي روئي پيو ۽ بيوسي جو اظهار ڪيو.هن ٻڌايو ته مون وٽ ڪالز ۾ 40 سيڪڙو فون آڪسيجن لاءِ اچن ٿيون، روز آئون پاڻ کي بيوس محسوس ٿو ڪريان، مونکي ماڻهن جي نون نون مسئلن بابت خبر پوي پئي ۽ مونکي محسوس ٿئي ٿو ته خبر ناهي اسان ڪهڙي ملڪ ٿا رهون.