ڪراچي: ڪراچي سول اسپتال جي ڪوارٽرن تي قبضا، مختلف وارڊن اڳيان به اسٽال لڳائي حددخليون ڪيون  ويون، پيراميڊيڪل اسٽاف جو ڪوارٽرن ۽ اسپتال اندر ٿيل قبضن خلاف ايم ايس آفيس اڳيان ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو، ايم ايس اسسٽنٽ ڪمشنر گارڊن کي خط لکي قبضا ڇڏائڻ جي سفارش ڪندي قبضن جي سروي لاءِ 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي  ورتي، ان ڏس ۾ آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن نياز خاصخيلي، غلام علي ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال جي سرڪاري ڪوارٽرن تي قبضا ڪري گدام ۽ هوٽل ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته انتظاميا طرفان اسپتال اندر مختلف وارڊن ٻاهران اسٽال لڳائي حددخليون ڪيون ويون آهن. هنن چيو ته  اسان اسپتال انتظاميا ۽ صحت کاتي جي اختيارين وٽ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو آهي پر قبضا ختم نه پيا ڪرايا وڃن، پيراميڊيڪل عملي جي احتجاج کانپوءِ سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر روبينه پاران اسسٽنٽ ڪمشنر گارڊن کي خط لکي سفارش ڪئي وئي آهي ته اسپتال جي ڪوارٽرن تان قبضا ختم ڪرائي حددخليون ختم ڪرايون وڃن، جڏهن ته ايم ايس پاران حددخلين جي سروي لاءِ  اي ايم ايس ڊاڪٽر نصرالله ميمڻ جي سربراهي ۾ 6 رڪني ڪاميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي،