ڪراچي(م ڊ) ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي پاران شهرين کي بلڊنگ ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس موڪلي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اختيارين ڊي ايڇ اي ۾ گهرن جي ڇتين تي سولر پينل لڳائڻ لاءِ اسٽيل استعمال ڪري بلڊنگ قاعدن جي ڀڃڪڙي تي شهرين کي نوٽيس جاري ڪري ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. اختيارين جي اهڙي فيصلي کانپوءِ ڊي ايڇ اي جا رهواسي ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.