سکر (بيورو رپورٽ) پيار جي ڪا سرحد ناهي هوندي. ڀارتي نوجوان سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ واسڻ ڇوڪريءَ کي دل ڏئي ويٺو، ڳالهه شادي تائين پهچڻ ۽ پڪي ٿيڻ بعد نوجوان پنهنجي والدين ۽ مائٽن کي وٺي سنڌ پهچي ويو. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب بمبئي واسي نوجوان ايڊوڪيٽ مهندر ڪمار، ڪراچيءَ جي رهواسڻ سنچوگتا ڪماري سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. جوڙي جي شادي سکر جي نجي شادي هال ۾ ٿي گذري، جوڙي جي مٽن مائٽن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري، هو جمالو ۽ سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون، گهوٽ ڪنوار به خوشي ۾ جهمريون هڻندا رهيا.  هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال ماکيڪا، پ پ منارٽي ونگ جي اڳواڻ راجڪمار به شادي ۾ شرڪت ڪري جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.