سوشل ميڊيا پوسٽ بنگلاديش ۾ وڳوڙ جو سبب بڻجي وئي

0
326
سوشل ميڊيا پوسٽ بنگلاديش ۾ وڳوڙ
سوشل ميڊيا پوسٽ بنگلاديش ۾ وڳوڙ جو سبب بڻجي وئي

بنگلاديش جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ هڪ مبينا سوشل ميڊيا پوسٽ کانپوءِ مذهبي فساد شروع ٿي ويا

لوهگرا ضلعي جي ڳوٺ ساهپارا ۾ مڇريل هجوم ھندون جي گھرن ۽ دڪانن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته علائقي ۾ مندر جي اندر به ڀڃ ڊاھھ ڪئي وئي

18 سالن جي شاگرد آڪاش ساها طرفان مبينا پوسٽ ڪئي وئي جيڪا فساد جو سبب بڻي، جنهن کي به پوليس آچر جي ڏينھن ئي گرفتار ڪري ورتو ھو

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پوليس آڪاش جي پيءُ کي به گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته سندس گهر ٻاهران ماڻھن جو وڏو ميڙ گڏ ٿيڻ بعد صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ کيس حراست ۾ ورتو ويو ھو

بنگلاديش پوليس مذهبي نفرت، فساد ۽ تشدد جي واقعن ۾ ملوث 250 اڻڃاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

ٻئي طرف واقعي کانپوءِ عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ عدالت کي درخواست ڪئي وئي آهي ته حملي جي جاچ جي درخواست ڪئي وئي آھي