سوشل ميڊيا جو پيغام … پنهنجي هٿن سان پنهنجي نسل ڪشي نه ڪيو، خدارا پنهنجي ٻارڙن سان سنڌي ڳالهايو…….

0
245

 صبح سان نيرن ڪرڻ لئه هوٽل جي هال ۾ ويس ته هڪ وڏو سنڌي ڀوتار نما آفيسر پنهنجي فيملي سميت ويٺو هجي. پوري هال ۾ سندس رعب پئي هليو. ڇورا سامان گاڏي ۾ رکيئي.. مون وارو بوسڪي جو جوڙو استري ٿيو وغيره… اهي سڀ حڪم هن پنهنجي ملازمن کي سنڌي ۾ پئي ڏنا… جڏهن ٻارڙن سان ڳالهائڻ لڳو ته مونکي حيرانگي ٿي جو کين چوڻ لڳو.. ڪيون بيٽا آمليٽ نهين کانا… ڪيا هوا ميري بيٽي.. ان مهل ئي مون کي احساس ٿيو اسان پنهنجي ٻولي جا پاڻ دشمن آهيون ۽ احساس ڪمتري جا ايترا ماريل آهيون جو پنهنجي هٿن سان پاڻ پنهنجي ايندڙ نسل کي ڌرتيءَ جي پاڙن کان ڌار ڪري رهيا آهيون. خدارا پنهنجي ٻارڙن سان سنڌي ضرور ڳالهايو. هن پوسٽ تي تمام گهڻا ڪمنٽ آيا. حسن شيخ لکيو ته بلڪل سائين. اسان ته اردو ڳالهائيندڙ دوستن سان به سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهيون. نثار کوکر کيس جواب ڏنو ته اهو ائين ئي ڪرڻ گهرجي ۽ شهرن ۾ دڪاندارن کان خريداري ڪرڻ مهل ته سنڌي ضرور ڳالهائڻ گهرجي. حسن شيخ سندس راءِ سان سهمت ٿيو. نويد احمد دل لکيو ته انهن ماڻهن تي الله پاڪ جو عذاب به اچڻ ۾ ڌير نه لڳندي آهي. راشد لطيف لکيو ته توھان ڀوتار جي ڳالھه ٿا ڪيو اسان وٽ سنڌين جا ٻار انگلش ٿا ڳالھائن سڌي تي توجه ناھي. ارشاد شيخ لکيو ته خيرپور ۾ غلام مصطفى سولنگي جي ڪتابن جي مھورتي پروگرام جي صدارت ادي ماھتاب راشدي ڪري رھي ھئي . سنڌ سنڌ ڪندڙ ادي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ فرمايو ھو :’ منهنجي ٻارن کي سنڌي نه ايندي آهي .” ڇا ڪجي ؟ ڪاڏي وڃجي ؟ ڊاڪٽر محمد خان شيخ لکيو ته سائين سنڌي ٻولي، انهن جي محتاج ناهي. اڳتي هلي اهڙا، معتبر خان، پاڻ ئي پڇتائيندا. آصف رضا لکيو ته سائين اسان کي هاڻي ننڍڙي جي اسڪول وارا چون ٿا ته انگلش ڳالهايو ننڍڙي سان گهر ۾. مون چيو ته ٺيڪ آ پر توهان به سنڌي پڙهايو اسان جي ٻچن کي. اطهر ابڙو لکيو ته هي ته ڪجهه به ناهي… جيڪي فيمليون ڳوٺن کان شھرن ۾ شفٽ ٿين ٿيون، جن جون مائرون اڻ پڙهيل آهن جن کي اردو پوري ڪونه ٿي اچي انهن به پنهنجي گهر ۾ اردو ڳالهائڻ کي ترجيح ڏني آهي….ٻئي پاسي پڙهيل لکيل فيمليون ٻارن سان انگريزي ۾ ڳالهائڻ پسند ڪن ٿيون. هاشم ملاح لکيو ته مون سان به ساڳيو معاملو آهي، ڪراچي کان ڳوٺ لڏڻو پئبو، نگهت لاکير لکيو ته ان تي مان به لکي چڪي آھيان، خاص طور ڪراچي ۾ ماڻھن کي سنڌي ڳالھائيندي شرم ٿو اچي. سڄڻ پرمار لکيو ته ٻار سڄو ڏينھن ڪارٽون ڏسن ٿا، سڄو ڏينھن اردو ڳالھائين ٿا ان ڪري… انٽرنيٽ جي دنيا آھي، جڏھن ته انٽرنيٽ تي سنڌي ۾ ٻارن لاءِ اھڙو مواد موجود ئي نه آھي. ھي آمريڪا، ڪئناڊا ۾ رھن پيا سنڌي ڪنھن ڪو ھڪڙو ٽيڪنالاجي جو ادارو سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ کوليو آھي؟ حنيف ڪاڇيلو لکيو ته بلڪل سائين اسان واري ملير ڪنٽونمنٽ واري رھائشي سوسائٽي اندر ميرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي اتر ۽ وچولي جا “وڏا” ماڻھو پنھنجن ٻارڙن سان سنڌي ڳالھائڻ ڄڻ ته عيب ٿا سمجھن. ايتري قدر جو ھاڻي ته ڪوھستاني ۽ عمرڪوٽ جا ديوان پڻ ٻارڙن سان “اڙدو” ۾ ٿا ڳالھائين. آئون موقعو ڏسي اھڙن مان ھڪ اڌ کي ٽوڪيندو رھان ٿو. صدراليدن عمراڻي لکيو ته پيرو کڻبو ته ماضي جو ڪامريڊ نڪرندو. ماروي ڪلهوڙو لکيو ته مان ڪراچي ۾ اتي ڪافي اھڙيون سنڌي فيمليز ڏٺيون آهن جيڪي والدين سنڌي ھوندي به پنھنجي ٻارن سان اردو يا انگريزي ۾ ڳالھائيندا آھن… احساس ڪمتري جو شڪار آهي ڪراچي جو سنڌي. جاويد خاصخيلي لکيو ته اھو وڏو الميو آهي انهن مان ڪجهه ماڻهو ته نج قاسم آباد ۾ ويٺل ٻارن سان اڙدو ڳالهائيندي ڏٺو آهي. جاويد چانڊيو لکيو ته ڪڙو سچ” اسان پاڻ دشمن آهيون” پاڻ کي سنڌي ۾ ڳالهائڻو پوندو پنهنجي ڌرتي جي بقاءُ لاء !! گهرام خان کوسا لکيو ته بيٽي جي امان اردو سمجھندي ھوندي نه زور اڳيان زاري آ مرشد ڀوتارڙي جو ڏوھ ڪونھي. عبدالسبحان سنڌي لکيو ته ڀوتارجي زال اردو ڳالهائيندي هوندي ڇو جو ڀوتارن اڪثريت ۾ پويون شاديون ٻي زبان وارن سان ڪيون آهن. شمس ساريو لکيو ته سائين اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي ته چڱا ڀلا اديب دانشور ۽سماجي اڳواڻ پنهنجي گهر ۾ اردو يا انگريزي ۾ پنهنجي ٻارن سان ڳالهائيندا آهن. هاشم ميمڻ لکيو ته نوڪري پيشه ۽ بيوروڪريسي جو حصو ٿيندڙ سنڌي اهڙو ڪم ڪن ٿا۔ پورهيت ۽ مقامي ماڻھو ايترو ڪون ٿا ڪن. عبدالقدير ميمڻ لکيو ته احساس ڪمتري جا شڪار آهن. مهراڻ سومرو لکيو ته فيشن ٿا سمجھن اردو ڳالهائڻ. شبير احمد افسوس جو اظهار ڪيو. احمد شاهد شر لکيو ته بلڪل سچ آهي. مختيار سومرو لکيو ته دهشتگرد تنظيم نه هجي ته هن وقت تقريبن ڪراچي جي پڙهيل لکيل سنڌي جي گهر ۾ اڙدو ٻولي هجي ها. من جوڻيجو لکيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت ڀوتارن جون ڌارين مان شاديون آھن. شفيع محمد شيخ لکيو ته اهو ڀوتار ملازم کي غلام سمجهي سنڌي ۾ داٻو ويهارڻ لاءِ اهڙي ٻولي استعمال ڪندا آهن. ساڳيا ڀوتار ڌارين جي ٻوليءَ ڳالهائڻ وارن جي اڳيان غلامي ڪندا آهن. اهڙا ڀوتار پنهنجن سان نه، پر ڌارين سان گڏ بيٺل هوندا آهن. غلام علي سيد لکيو ته افسوس توهان کي ان ڪلاس مان اميدون آهن. امان الله کوکر  لکيو ته ٿي سگهي ٿو ان ڀوتار جي گهر واري غير سنڌي هجي ان صورت ۾ ٻار اڙدو سمجهندا هوندا تنهن ڪري پي به اڙدو ۾ ڳالهائي رهيو آھي پر اهو به غلط جڏھن اولاد پيءُ جي نالي سان سڏرائيندو ته ٻولي به پي جي مادري زبان هجڻ گهرجي. شهمير گاڏهي لکيو ته صفا لوسي لپاٽي هوندو. ميان بلال غفور گهنيو لکيو ته سائين اوھان کي ان ڀوتار سنڌي سان ملڻ کپي ھا. ضمير حسين مڪائي فقير ڀوتار جي شادي ھوندي غير سنڌياڻي سان ته ويچارو سنڌي ڪيئن ڳالھائيندو. ايم بي خاصخيلي به تبصرو ڪيو. ستار هڪڙو لکيو ته ڪراچي ۾ اڪثر زال مڙس پاڻ ۾ سنڌي ۽ ٻارن سان اردو ٿا ڳالھائن پڇون ته چون ٿا ته اسڪول وارن چيو آھي ٻارن سان گھر ۾ اردو ڳالھايو۔ نرگس ابڙو لکيو ته بلڪل صحيح اردو ڳالھائڻ ۾ شان ٿا سمجھن. فدا حسين لکيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ اهڙيون حالتون مون جام ڏٺيون آهن ۽ ڪراچي جي شاپنگ مالز ۾ اڪثر سنڌي فيمليز ٻارن سان اردو ۾ ڳالهائين ٿيون. موهن لعل لکيو ته مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪولھي ذات سان تعلق رکندڙ فيميل سندن اولاد سان اردو ۾ ڳالھه ٻول ڪندي هئي چيومانس اردو ڇو ٿا ڳالهيو؟ سندن چوڻ هو اردو ميڊيم اسڪول ۾ ٻار پڙهن ٿا تنهن ڪري گهر ۾ ٻارن سان اردو ۾ ڳالھه ٻول ڪندا آهيون. نثار سائين اوهان درست فرمايو ته سنڌي ٻولي جي خاتمي ۾ سنڌي ملوث آهن. صوفي غلام مصطفيٰ بروهي لکيو ته سائين ڀوتارڪي سسٽم سڄي سنڌ کي سورن ۾ ڏئي ان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي. اهي ڀوتار ڀاڙي سنڌي ٻولي جا ڪهڙا سڄڻ آھن.؟ اهي مرضي جا مالڪ آھن ته گهر ۾ اردو ڳالهائين يا انگريزي. اهي پنهنجي جيجل جي ٻولي ۽ لولي کان لاتعلق آھن. امداد حسين لکيو ته سائين خاص طور اسان جا شھري پنهنجي گهر اردو ٿا ڳالهائن تمام تيزي سان سنڌي ٻولي ختم پئي ٿئي. ٻولي ۾ مما، پپا، خالا، بوئا لفظ داخل ٿي ويا ٻارن کي اصلي اچارن جي خبر ئي نه آھي. راند ۾ ٻار اردو ڳالهائن ٿا تنهن ڪري اردو ۾ دلچسپي وڌي پئي ساڃاهه وند ٻولي بچائڻ لاءِ مهم هلائن ٻي صورت ۾ صرف ڳالهيون رهجي وينديون. غلام نبي گل بلوچ لکيو ته ٻيو ته ٺهيو، بسن، ڪوچن، ٽول پلازن تي عام پورهيت گهڙيون وڪڻندڙ، ٻٽون، ٽوپيون، چڻا، ڪيڪ، پڪوڙا، اخبار وڪڻندڙ هوڪا ڌاري ٻولي ۾ ڏيندو آهي، آئون انهن سان ڪيئي ڀيرا اٽڪيو آهيان پر سائين هاڻي بدين، گولاڙچي، سجاول وارا به اردو ۾ هوڪا ڏين ٿا. فدا حسين لکيو ته اصل ۾ سائين جيڪي ماءُ پيءَ ڏانهن به نج سنڌي آهن انهن کي به گهر وارن جي طرفان اهو چيو پيو وڃي ته اوھان اردو ۾ نه ٿا ڳالهايو ته اوھان جڻ ڪجهه پڙهيو ئي ڪونهي. عرفان علي چانڊيو لکيو ته سائين اھو مرض اسان جي ڪافي سنڌي ڀائرن ۾ آھي آخر ڇا ڪجي اھڙن اٻوجھڙن کي جن کي پنھنجي مادري ٻولي جو ڪو به قدر قياس ڪونھي. مصطفيٰ شر لکيو ته سائين بلڪل اسان جي قوم ائين ئي ڪري رھي آھي. سپت لطف لکيو ته اوھان جي تحرير پڙھي مون کي حيرت ٿي ٿئي ته ان موضوع تي منھنجي ڪھاڻي لکيل آھي جنھن ۾ منظرنگاري بلڪل اھڙي آھي جھڙي اوھان حقيقت ڏٺي. شازيه حسن شر لکيو ته اهو هر جاءِ تي حال آهي. شوڪت رهمون لکيو ته اھڙا ڪافي دوست آھن جيڪي پنهنجي ٻارڙن سان اردو ۾ ڳالھائين ٿا. شبير احمد کهڙو لکيو ته سائين پرائيويٽ اسڪولن ۾سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي مليل آھي پوءِ ٻار ڪيئن سنڌي ڳالھائيندا.دلجان لغاري لکيو ته اهو هڪ وڏو الميو آهي، سنڌي قوم لاءِ. سرفراز احمد باريجو لکيو ته ملازم غريب ھو ان سان سنڌي ٻولي. اولاد پنهنجي حيثيت وارو آ ان سان اڙدو ٻولي افسوس اھڙن ماڻهن تي. اعجاز خان سومرو لکيو ته بلڪل سائين سئو سيڪڙو درست، ڪراچي ۾ اھڙا ھزارين سنڌي آهن جن جي ٻارن کي سنڌي نٿي اچي، خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ذات پڇندا آهيون. جروار علي لکيو ته ‏سياسي غلامي جو ڌڪ عارضي آهي، قومي ڪردار ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي دائمي قسم جي آهي. عبدالڪريم نظاماڻي لکيو ته انهي لاءِ سائين امرجليل ناول لکيو آهي سنڌي گدڙ ان اسلام آباد. عون الحسن هوندل لکيو ته سائين سنڌي ٻولي، انهن جي محتاج ناهي. اڳتي هلي اهڙا، معتبر خان، پاڻ ئي پڇتائيندا

(سينئر صحافي نثار کوکر جي فيس بڪ پوسٽ)