ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آئون سوشل ميڊيا تي پنهنجي باري ۾ آيل ڪمينٽس پڙهندو ئي ناهيان، ماڻهن جا ڪمينٽس پڙهڻ شروع ڪيا ته آپگهات ڪرڻو پئجي ويندو، ماڻهو الائي ڇاڇا چوندا رهندا آهن ؟ علامه ضمير اختر فائونڊيشن پاران لائبريري جي قيام واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون، جيستائين اسان جو ضمير مطمئن آهي تيستائين ڪنهن جي ڪجهه چوڻ جي ڪابه پرواهه ناهي، ماڻهو الائي ڇاڇا چوندا رهندا آهن؟ اسان کي شهر، صوبي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اين اي 249 جي ننڍي چونڊ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي تازين چونڊن ۾ ٻن هنڌن تي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، انشاءَ الله اين اي 249 واري ننڍي چونڊ پيپلزپارٽي کٽيندي