سوشل ميڊيا تي ماڊلز جي انداز ۾ تصويرون لڳائي واردات ڪندڙ 4 جوابدار گرفتار

0
125
ڇا گم ٿيل ماڻھن کي زمين کائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ماڊلز جي انداز ۾ پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي لڳائيندڙ 4 رڪني گينگ جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت سمورن جوابدارن کي 20 جنوري تائين رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي، پوليس موجب گرفتار جوابدار فيضان خان جا فيس بڪ تي 1377 فالوورز هئا، جوابدار ماڊلز جي انداز ۾ تصويرون پوسٽ ڪندو هو

پوليس چيو آهي ته فيضان 4 رڪني گينگ سان گڏجي وارداتون ڪندو هو، فيضان ۽ سندس گروهه خلاف 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ فيضان، نور حسن، سمير ۽ حسين شامل آهن