لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ عطا تارڙ الزام هنيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ادارن کي گاريون ڏيڻ پويان فواد چوڌري آهي، نواز ليگ ادارن خلاف مهم هلائڻ تي يقين نٿي رکي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته فواد چوڌري ۽ حماد اظهر اهڙي مهم هلائي رهيا آهن، فواد چوڌري جي دور ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ ذريعي ٽرينڊ هلايا ويندا هئا، فواد چوڌري جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽرينڊ جو سلسلو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته ق ليگ جي پارلياماني پارٽي جي سربراهه بابت اڳ ڪڏهن نه ٻڌو، ق ليگ جي پارلياماني پارٽي جي ڪهڙي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ڪو ثبوت ناهي، دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته 21 تاريخ تي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو هو. هن چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي ڪا وڊيو ڪلپ به موجود ناهي، اهو هڪ اهم آئيني ۽ قانوني نوعيت جو معاملو آهي، ان معاملي تي فل ڪورٽ ٺاهڻ ۾ ڪو حرج ناهي.