سوشل ميڊيا تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته انٽرنيٽ/سوشل ميڊيا جڏهن بند هئي ته اهو وقت اوهان جو ڪيئن گذريو ؟ جنهن اڪثر ماڻهن پنهنجي سرگرمي کان آگاهه ڪيو، اڪثر ماڻهن چيو ته ڪتاب پڙهيا ۽ فلمون ڏٺيون، ڪنهن وري گهر ۽ آفيس جا رهيل ڪم پورا ڪري ورتا، ڪنهن کي وري خبرن جي ڳڻتي رهي، پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي  علي لکيو ته واندڪائي ۾ ھاليووڊ فلمون پئي ڏٺيون ۽ ڪتاب پڙهيا، انيلا رفيق ملاح لکيو ته مان ڏينھن ۾ ٽي دفعا گھر جي صفائي پئي ڪئي،  پنھنجا ۽ ٻارن جا پوري مھيني جا ڪپڙا استري ڪري رکيا آھن ۽ ان سان گڏ فل آواز ۾ انقلابي ۽ سنڌي گانا ھلائي ٻڌا، فلم ڏسي ڪري رات جو 10 کان پھريان آرام پيا ڪيون، آفاق احمد لکيو ته واندڪائي ۾ انگلش ويب سيريزون: خشوند سنگھه جو ڪتاب دلي ۽  اوشو جو ڪتان تعليمي انقلاب پڙهيا، رززق بجير لکيو ته لڇندي پڇندي گذريو. ظفر عزيز ميتلو لکيو ته ميلي جو مزو ورتوسين اداڪارن جي اداڪاري ڏٺيسين، ورثا پيرزادو لکيو ته مونکي خبر ئي نه پئي ھئي، عبدالوحيد ميمڻ لکيو ته اسان ان پريشاني ۾ هئاسين ته ڪا خبر ٿي وئي اداري کي ڏيون، دعائون پئي گهريون ته مولا رحم ڪجان ڪا خبر مس نه ٿئي، مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته اسان جي انٽرنيٽ نه ٿئي هئي، ستارا تنيو لکيو ته مون کي ته خبر ئي نه پئي ته ڪيئن وقت گذري ويو، غلام قادر جتوئي لکيو ته تمام بھترين سائين ـ منھنجو ننڊپڻ کان ئي ھر روز اخبارون رسالا ڪتاب ۽ نيوز چينل ڏسڻ سميت وڏڙن ۽ بزرگن سان ڪچھريون ڪرڻ ۾ ئي وقت گذرندو ھو ـ تمام بھترين وقت ھو، رياض سولنگي لکيو ته  اسان وٽ پي ٽي سي ايل هئي اها نيٽ هلي پئي، علي رضا ٻرڙو لکيو ته واءِفاءِ ذريعي دنيا سان ڳنڍيل رھياسين پر مزو بلڪل به نه ھيو جو اڪثريت ڊيٽا استعمال ڪندڙن جي آھي ٻيو ته پاڻ انٽرنيٽ ھلائڻ لاءِ وقت ئي زبردستي ڪڍندا آهيون وقت گذرڻ جي ڪا خبر ئي نه پوندي آهي، رياض ابڙو لکيو ته ڊائون لوڊ ٿيل فلمون ڏٺيون ڪچهرين ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ وڏي ڳالهه موبائل چارجنگ جو فڪر نه هو، شانل کوسو لکيو ته بس فيلڊ ۾ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ، اڌ ۾ رهيل ڪتاب پورو ڪيم، ۽ سوير ننڊ،.سرمد ادل سولنگي لکيو ته پاتال لوڪ، ڪوڊ ايم، ڊِي ڊَي، يه ھوتا تو ڪيا ھوتا، يه سالي زندگي ۽ ڌاڙ جهڙيون فلمز/ ويب سيريز ڏسي ورتيون… گلزار ملاح لکيو ته 2 ڏينهن موبائل چارج نه ڪيم، انسانيت موت ڪي دروازي پر،۽ اسلامي تهذيب ڪي داستان، ول ڊيورانٽ جو ڪتاب پڙھيم، باقي رڳو موبائل کي ڏسي ڏسي وري رکي ڇڏيندو هئس، مشتاق چانڊيو لکيو ته ڀلو وقت گذريو، نعمت کهڙو لکيو ته ڪافي بهتر وقت گذريو، ڪتاب پڙهيا، بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته آفيس جو رهيل ڪم پورو ڪري ورتو، شاهجهان ٻرڙو لکيو ته ڀلو، ڪو ڪرائيم ئي نه ٿيو، علي عابد سومرو به راءِ جو اظهار ڪيو، نثار ٻرڙو لکيو ته وائي فائي ذريعي سوشل ميڊيا تي موجود ھيس ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي نظر ھئي.ايم علي چاچڙ لکيو ته ننڊ ڪئي. مظفر گلال لکيو ته گھرو ڪمن تي ڌيان ڏنو سين، مٽن مائٽن ڏانهن گھمي آياسي وقت ڏاڍو ڏکيو پيو گذري ڇو ته انٽرنيٽ ذريعي انسان پوري دنيا سان ڳنڍيل آھي.