لاهور(م ڊ) سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ۽ انساني حقن جي ڪارڪن شهربانو کي هڪ ڀيرو وري قتل جون ڌمڪون ڏنيون ويون آهن. پنهنجي ٽوئٽر هينڊل تي وڊيو ٽوئٽ ۾ هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ آءِ جي پنجاب کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان کي گهر جي دري مان ڌمڪي وارو خط لکيو ويو هو ته شهربانو خاموش ٿي وڃ نه ته توکي ماريو ويندو. ان بعد پوليس اسان سان سهڪار ڪيو. اسان وري عام زندگي گذارڻ لڳاسين. هن چيو ته پر وري هڪ ڏينهن اڳ اسان جي گهر جي گارڊ روم جي در مان اڇلايون ويون آهن. اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، ڌمڪيون ڏيندڙن کي ٻڌايان ٿي ته ڌمڪين سان خاموش نه ويهندس. هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته هي ڪهڙو گروپ آهي جيڪو ڌمڪيون پيو ڏئي ٻه گروپ آهن جن مان هڪ سياسي آهي ٻيو اهو جيڪو اسان کي غدار سمجهي ٿو. جتي رهون ٿا اتي ڪنهن سان به اختلاف نه آهي. اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جي حوالي سان ماڻهن کي محفوظ محسوس ڪرائڻ گهرجي غيرمحفوظ نه.