ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ عظيم سوشلسٽ انقلاب جي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي لاڙڪاڻي طرفان ھاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ قاضي امداد خطاب ڪندي چيو ته سوشلسٽ انقلاب روس جي هارين، مزدورن ۽ پيڙهيل ماڻهن کي ملڪ جو حڪمران بڻايو، هي انقلاب 1917ع ۾ ڪامريڊ لينن جي قيادت ۾ اتان جي بالشويڪ پارٽي آندو، جنهن کي بعد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين جو نالو ڏنو ويو. ان انقلاب نه صرف پورهيت ۽ مسڪين ۽  مفلوڪ الحال ماڻهن کي اقتدار جو مالڪ بڻايو پر مظلوم قومن کي حقِ اختياري ڏئي تمام قومن يعني پندرهن رياستون ۽ رشين فيڊريشن جي اندر موجود علائقن کي صوبن جا درجا ڏئي ۽ انهن کي برابري جي بنياد تي قومن جو هڪ رضاڪارانا وفاق ٺاهيو. اهڙي ريت اهو صرف روس جي عوام جي قومن لاءِ نه پر ان سوشلسٽ انقلاب دنيا جي پهرين مرحلي ۾ 117 ملڪن کي آزادي ڏياري.اسان کي به پاڪستان ۾ جاگيردارن، سيٺ، سرمائيدارن ۽ جنرلن جي حڪمراني مان نجات حاصل ڪري پورهيت طبقي جو راڄ قائم ڪرڻو پوندو.سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر منور ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته هارين کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪانفرنسون ٻهراڙين ۾ ڪري رهيا آهيون. ۽ ٻلهڙيجي تاريخي شهر آهي، انقلابي ماڻهن جو ڳڙھ رهيو آهي. اُتي ڪانفرنس ڪري اسان ٻلهڙيجيءَ جي عوام کي ٻيهر جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال چيو ته سنڌ اڃان ٻڏي پئي آهي، مختلف علائقن ۾ پاڻي بيٺو آهي، ماڻهن جا فصل تباھ ٿي ويا آهن، نئين فصل پوکڻ جون اميدون ڪونهن، گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. رياست پنهنجي اقتداري ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ گلاب پيرزادو چيو ته هارين کي سجاڳ ۽ منظم ٿيڻو پوندو،عوام جي ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، تنهنڪري عوام کي پنهنجي جدوجهد لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي. آجياڻي تقرير ڪندي هاري ڪاميٽي ضلعو لاڙڪاڻو جي صدر ڪامريڊ غلام حسين مقول چيو ته مهمانن، مقررن ۽ دانشورن کي توجهه سان ٻڌي اهي ڳالهيون پنهنجي ڳوٺن ۾ پهچايو ۽ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي منظم ٿيو.عوامي ورڪرز پارٽي جي مٺل ڪلهوڙي چيو ته رياست ذميدار آهي ته ھر شهري کي پنهنجا بنيادي حق ڏنا وڃن، جلسي جي ڪاروائي ڪامريڊ انور ڏنگڙائيءَ هلائي، غلام رسول مڱريو پنهنجي انقلابي شاعري پيش ڪري زبردست داد حاصل ڪيو، ٻلهڙيجي جي روايت مطابق مامي رمضان ساريو آيل مھمانن کي گلن جا تحفا پيش ڪيا.