سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

0
167
افغانستان جي ازلي عداوت، دهشتگردي ۽ پاڪستان جي خوش فهمي

 هاڻي لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف سان عمران دؤر جي باقيات واري معاهدي جي رهيل مدت لاءِ بحالي تي تمام ڏکين شرطن تي اتفاق ٿي ويو آھي ۽ چين سان پڻ 2 ارب  30 ڪروڙ ڊالر جي قرض جي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آھن ان ڪري اميد  آھي ته ٻين دوست ملڪن ۽ ڊونر ايجنسين وٽان ڊالر ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل 7 سيڪڙو سستي ٿيڻ جي خوشخبري به آئي آھي ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر پڻ پهرئيب ڏينهن چار رپيا ستر پئسا گهٽيو آھي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به 259 پوائنٽس جي تيزي نظر آئي آھي. 22 جون تي يورپين يونين جو جِي -ايس – پي پلس يا جنرلائيزڊ اسڪيم آف پرفرنسز پلس بابت مشن به پاڪستان پهتو آھي جنهن لاءِ وزير خارجه کي اميد آھي ته 2023ع کان اڳتي به پاڪستان جي واپار ۾ ميمبر ملڪن سان ترجيحي حيثيت برقرار رهندي.

جيئن ته اهي هاڪاري رجحان ڪافي ناڪاري اثرن پوڻ جي يقيني خوف واري ماحول ۾ حاصل ٿيا آھن ان ڪري وزير اعظم جو خميس ڏينهن نون ليگي سينيٽرس کي خطاب ڪندي اهو چوڻ بلڪل سچ آھي  ته “ آءِ ايم ايف جيڪڏهن وڌيڪ شرط نه لڳايا ته معاهدو ٿي ويندو، اڃا ڏکيائيون اچڻيون آھن، چين ۽ سعودي ڪيستائين مدد ڪندا؟ عمران حڪومت پاران معاهدو ٽوڙڻ تي آءِ ايم ايف چيو ته اعتبار ناهي رهيو، اوهان به ته پاڪستان جي حڪومت آھيو. اسان کي 75 سالن کان ڪشڪول کنيل آھي، ھاڻي پيرن تي بيهڻو پوندو. اڳوڻي حڪومت تيل اگھه وڌائڻ جو معاهدو ڪري آخر ۾ پاڻمرادو قيمتون گهٽائي ڇڏيون،اسان ذات کان هٽي فيصلا ڪيا، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھه وڌائڻ تي تڪليف ٿي پر اڳ ۾ رياست آھي، رياست کي ڪجھه ٿيو ته سياست به نه رهندي.“

پي ڊي ايم  ۽ اتحادين جي حڪومت کي تاريخ جي مشڪل ترين معاشي حالتن ۽ گندي سياست جي گهيري ۾ آيل رياست پاڪستان جون واڳون وٺڻ وقت پڪ سان سڄي صورتحال جو مڪمل ادراڪ هو۽ سڀني سڄاڻ ڌرين به کين خبردار ڪيو هو. ان جي باوجود عدم اعتماد تحريڪ آڻي عمراني حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ حقيقت ۾ سياست ۽ رياست جي مجبوري هئي ڇاڪاڻ ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو هو، دنيا جي طاقتور ملڪن، واپاري شراڪتدار ملڪن توڙي قومي ادارن سان ته تعلقات تلخي ۾ بدليا ئي بدليا پر چين، سعودي عرب، ايران ۽ ٻين خليجي دوست ملڪن سان به تاريخي برادرانه تعلقات بگڙي چڪا هئا ۽ سڌاري جي ڪوشش ته پري رهي نيت به موجود نه هئي. ان وقت جي مخالف ڌر خلاف رٿيل ڏھه پندرهن سالن تائين اقتدار ۾ رهي، طئي ٿيل حڪمت عملي مطابق صدارتي نظام لاڳو ڪري جيڪو ويڌن ٿيڻو هو ان جو اظھار وات جو ڇٽل ۽ فطري طرح غير محتاط وزير اعظم وري وري ڪندو هو ته “مين ان ڪو نهين ڇوڙون گا”. هر ذي شعور شخص حيران ۽ پريشان آھي ته اسان جي سياسي روايتن مطابق ته اقتدار مان نڪتل پارٽي جا اڳواڻ يا ته جيل ۾ ھوندا آھن يا عدالتن جا پنڌ پيا ڪندا آھن پر هن دفعي اهو ساڳيو شخص اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي اوترو ئي ڇانيل آھي جيترو حڪومت ۾ رهندي هو. رڳو ايتروئي نه پر اهي “ مقدس ڳئون” جن جو نالو کڻڻ سان ملڪي سربراھه جلاوطن ٿي ويندا هئا يا غدار ڪوٺجي گمنام جيل حوالي ٿي ويندا هئا انهن ادارن ۽ اعليٰ ترين عهديدارن خلاف سوشل ميڊيا تي لاڳيتا ٽرينڊ ھلندا ئي رهن ٿا.

شروع وارو معمولي احتياط، هاڻي بي احتياطي کان وڌي بد اخلاقي تائين پهچي ويو آھي. نيوٽرل ۽ نيوٽرلٽي کي ايترو ته ورجايو پيو وڃي جو غير متعلق ماڻھو کي به چڙ ڏياريو ڇڏي. گذريل ٻه ٽي ڏينهن پهريائين تائين ڌڻ جماعتن تي ٻڌل لڳ ڀڳ قومي اتفاق راءِ واري حڪومت منظر تان غائب ھئي. وزير اعظم ميڊيا ۾ نظر نه پئي آيو، پيپپلز پارٽي به مرڪزي سطح تي رڳو Sleeping partner  وارو ڪردار ادا ڪندي نظر اچڻ لڳي. ٻيون جماعتون به پنهنجي پنهنجي صوبائي ۽ مقامي مفادن خاطر پيش ٿيندڙ بجيٽن مان پنهنجي حصي پتي حاصل ڪرڻ ۾ رڌل نظر آيون يا ڪنهن وزارت ڪنهن صوبي جي گورنري تي ڇڪتاڻ ۾ مصروف رهيون. مرڪزي سطح تي پاڪستاني معيار مطابق لڳ ڀڳ بغاوت تي سندرو ٻڌل شخص هر روز گندي زبان استعمال ڪري ڪنهن مهل سلامتي جي ادارن ۽ خاص ڪري مخصوص سربراھه کي، اليڪشن ڪميشن ۽ ان جي چيف کي، وزير اعظم ۽ سندس خاندان يا ڪابينه کي يا مورڳو دنيا جي سگهاري ترين سپر پاور ۽ ٽريڊ پارٽنر آمريڪا خلاف گهٽ وڌ ڳالهائيندو ٿڪي نٿو.

حڪومت جو اهو حال آھي ته رڳو ڪابينه جي اجلاس جي بريفنگ ڏيڻ لاءِ به مک ڀاڱي ڀائيوار پارٽين جا چار وزير باتدبير اچي پريس ڪانفرنس ڪندي اهو تاثر ڏيندا آھن ته اهي جيڪي عوامي عذاب جا فيصلا ڪابينه ڪيا آھن سي هڪ ته اڻٽر ھئا ۽ ٻيو ته سڀ اکين سان ڏسو ته اسان سڀ ذميوار آھيون. اها سوچ ڪنهن حد تائين درست به هوندي به پر گهڻو ڪري اتحادين جي ڪمزوري ۽ هڪ ٻئي تي بي اعتباري کي ظاهر ڪري رهي هوندي آھي. جهڙي طرح ننڍڙا ٻار اونداهي ۾ ڊپ کان ڪنهن کي گڏ وٺي پوءِ ٻاهر نڪرندا آھن تهڙي طرح هي حاڪم به هڪٻئي جي ڪلهن کي استعمال ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ٻاهر پيغام اهو ويندو آھي ته اڪيلائي ۾ جھڙو عمران خان جو ڊپ ٿو لڳين. ان حوالي سان وزارت خارجه ۾ رهي بلال ڀٽي ۽ حنا رباني کر پنهنجي منصب تي چپ چاپ ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. بلال صاحب جي آمريڪا چين، يورپي يونين جي دورن سبب آءِ ايم ايف کي رام ڪرڻ لاءِ راھه کلي،  جي ايس پي پلس جو مشن به پاڪستان پهتو۽ ايران، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دورن سان مستقبل جي واپار ۽ ٻن طرفن لاڳاپن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڄڻ ته بگڙيل راند کي سنوارڻ ۽ رٺلن کي پرچائڻ جو ڪم ڪيو ويو آھي. ان حوالي سان وزارت خارجه ۾ پ پ پ جي ٻنهي شخصيتن جي ذاتي فيس ويليو ۽ تعليم به ڪارائتي رهي آھي، اها ئي بهتر حڪمت عملي هوندي.

گذريل ھڪ ٻن ڏينهن جي پيش رفت سان ملڪ  ڊيفالٽ ۾ وڃڻ جي خطري مان بچي وڃڻ جي ڄڻ ته خاطري ٿي وئي آھي، ڊالر سستو ٿيندو ۽ ڪجهھ قيمتون به ضابطي ۾ اينديون، مارڪيٽ ۾ اعتماد وڌندو ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار ٿيندو. ان وچ ۾ جيڪڏھن تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي جو موجوده رجحان به برقرار رهي ۽ خدا ته ڪري ته روس يوڪرين جنگ جو ڪو فيصلوسامهون اچي ته ڪافي بهتري جي سڀني کي اميد هوندي. هن حڪومت کان وڌيڪ عام  عوام  مهانگائي جي وڏي مصيبت ۾ اچي ويو آھي ۽ جمعي تي وڌايل نون ٽئڪسن سبب اڃا وڌيڪ تڪليف ۾ به ايندو. مٿئين پيراگراف ۾ بيان ڪيل مثبت رجحان عوام جي تڪليف ۽ ملڪي اقتدار اعليٰ جي قيمت تي شعوري طور تي قوم ۽ ملڪ خاطر سنجيده سياسي قيادت حاصل ڪيا آھن. مخالفن جي پروپئگنڊا ۽ ڏينهن رات اصل مجرمن هٿان تنقيد ڇا، ذلت به برداشت ڪرڻي پوي پئي. عجب دنيا جو نرالو دستور آھي ته ڪري ڪير ڀري ڪير!! سڀ بي لڇڻايون جيڪي اڄ تائين سرزد ٿيون ۽ حالتون موجوده انتها تي پهتيون انهن جو ذميوار رڳو عمران خان به ڪونهي، سياستدانن جا گناھه پنهنجي جاءِ تي پر بربادي جي بي لڇڻائي جا ذميوار اهي به آھن جيڪي پاڻ کي ڏاڍو سيبتو ۽ غير سياسي به سمجهڻ جي غلط فهمي ۾ مبتلا آھن.

ان ڪري شھباز شريف جي ٽيم سڀني ڏوهارين جي ڏوھه کي پنهنجي ڳلي ۾ وڌو آھي ۽ پنهنجي سياست مقبوليت ۽ ووٽ بينڪ کي حقيقي آزمائش ۾ مبتلا ڪيو آھي. قوم کي حصي ۾ مشڪلاتون به حالتن جي ستم ظريفي آھي ۽ هي قومي ڇا عالمي بحران آھي ان بار کي هر ڪو پنهنجي ست ۽ ڪيل قصور جي تناسب سان ڀوڳڻ لاءِ تيار هوندو ته هن مصيبت مان نڪري پار پئبو. ٻئي طرف ان بربادي جا اصل مجرم پاڻ کي هيرو بنائي پيش ڪندي وري تباهي ۽ عدم استحڪام جو سامان پيا پيدا ڪن. قومي ادارن تي روز نئون دٻاءَ ۽ دڙڪو ته حڪومت کي احتجاج ۽ خواب بنيل لانگ مارچ جي ڌمڪي. شڪر ٿيو ته يارن ۾ نڪو ڪو لانگ مارچ جي همت آھي نڪي احتجاج جي طاقت نه وري ايندڙ چونڊون کٽڻ جيتري مقبوليت،  پر بي چيني ۽ ميڊيا جي ڀنڊي گهٽجي ئي نٿي. حڪومت کي گهرجي ته ايترا ڏکيا فيصلا ڪري پاڻ لاءِ ڏکيائيون ته پيدا ڪري چڪي آھي ته پوءِ ڦرئي کان پوءِ ڊپ وري ڇاجو؟  ڊفينسِوِ ٿيڻ بدران هر سوال، هر للڪار هر بيان ۽ ڌمڪي جو جواب پوري قوت سان ڏيڻ گھرجي. نيب قانون بابت تنقيد ڪرڻ وارن تي ته قانون ۾ ترميم ڪري وڏو احسان به ڪيو ويو آھي ۽ تنقيد به بونس ۾  برداشت ڪئي پئي وڃي.

موجوده حڪومت وارا ته جاويد اقبال جا سڀ ستم سهي ڪندن ٺھي  چڪا هئا ۽ هاڻي جڏهن صادقن۽ امينن جي پت وائکي ڪرڻ جو وقت آيو ته نيب جا ڏند ڪڍيا ويا آھن. هن ملڪ ۾ جتي قومي اسيمبلي جو ميمبرضمانت ملڻ ۽ پروڊڪشن آرڊرس نڪرڻ باوجود اسيمبلي سيشن ۾ نٿو پهچي سگهي ته خان صاحب ۽ سندس همنوا ته پنهنجي غلطي سبب قومي اسيمبلي جي ميمبر جي استحقاق جي دعوا به نٿا ڪري سگهن ته پوءِ انهن جي قابل اعتراض بيانن جي ورد ۽ غليظ سوشل ميڊيا ٽرينڊس تي ڪو قانون حرڪت ۾ ڇو نٿو اچي، ڪو سؤ مؤٽو نوٽيس ڇو جاري نٿو ٿئي؟ موجوده حڪومت هر لحاظ سان آئيني به آھي ۽ ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ وڏي قرباني به پيش ڪري چڪي آھي ان ڪري قانون جو استعمال مساوات پر بي رحمي سان ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي ٻي صورت ۾ ھڪ نقطو کين محرم مان مجرم ۽ جيڪي مجرم آھن انهن کي خود ساخته محرم ڪري پيش ڪرڻ جو ناجائز موقعو فراهم پيو ڪري. سورهيه کي سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ وهم وساري ڀالا هڻي ڀاڪرين پئي مقابلو ڪرڻو پوندو آھي، ڇو ته انصاف ته ٿيڻ گھرجي.