کپرو: هڪ سئو سالن جي پيرسن حرياڻي مسمات سادمي هنڱورجو ٽائيم نيوز سان ڳالهائندي چيو ته هوءَ سورهيه بادشاهه کان زڪر وٺي مريدياڻي ٿي هئي، ان وقت جماعت جا خليفا وڏي مان مرتبي، امانت ۽ عزت وارا هوندا هئا، جيڪي جماعت جا مسئلا حل ڪندا هئا پر هاڻي ايئن ناهي، هن چيو ته هاڻي جا خليفا رڳو مال ميڙڻ ۽ جماعت سان زيادتيون ڪرڻ ۾ پورا آهن، هن چيو ته هن وقت جيترو ظلم حر جماعت ۾ ٿي رهيو آهي اوترو ظلم ڪڏهن به نه ٿيو هو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن سمورين زيادتين باوجود هوءَ پير پاڳاري جي مريدي ڪنهن به صورت ۾ نٿي ڇڏي سگهي.